بارداڻي جي منصفاڻي ورڇ جي حوالي سان ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي:پارلياماني سيڪريٽري

بارداڻي جي منصفاڻي ورڇ جي حوالي سان ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي:پارلياماني سيڪريٽري

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 02 -اگست2016 ء) خوراڪ ۽ زراعت واري پارلياماني سيڪريٽري رجب علي بلوچ چيو آهي ته بارداڻي جي منصفاڻي ورڇ جي حوالي سان ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، 72 هزار کان وڌيڪ آبادگارن کي 215 مرڪزن مان 100 سيڪڙو منصفاڻي نموني بارداڻو ڏنو ويو آهي، ثبوت پيش ڪرڻ تي ناانصافي ڪندڙن کي عبرت جو نشانو بڻائينداسين. ڪالهه اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ چوڌري نذير احمد جي آبادگارن جي بارداڻي جي فراهمي ۾ گهپلن بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس جو جواب ڏيندي هن چيو ته آبادگارن کي بارداڻو هڪ معيار تحت فراهم ڪيو ويندو آهي، آبادگارن جو روينيو رڪارڊ پنجاب حڪومت کي فراهم ڪرڻو هو ان کانپوءِ بارداڻي جي منصفاڻي ورڇ جي حوالي سان ڪميٽي قائم ڪئي، سڄي ملڪ ۾ 215 سينٽر قائم آهن 72 هزار کان وڌيڪ آبادگارن ۾ بارداڻو ورهايو، هن چيو ته بارداڻو 100 سيڪڙو ميرٽ تي ورهايو آهي، ان ۾ ڪا به ناانصافي ناهي ٿي، تنهن هوندي به جيڪڏهن ميمبر مطئمن نه آهن ته اسان به اطمينان ظاهر نٿا ڪري سگهون، ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي چوڌري نظير احمد ، ملڪ شاڪر بشير اعواڻ سيد احمد خان ۽ شيخ فياض جي سوالن جي جواب ۾ پارلياماني سيڪريٽري رجب علي بلوچ چيو ته اسان ايوان ۾ پاسڪو پاران فراهم ڪيل معلومات فراهم ڪئي آهي، پاسڪو جو چوڻ آهي ته وفاقي محتسب ۽ عدالتن ۾ ڪو به آبادگار پنهنجي شڪايت جو ثبوت پيش ناهي ڪري سگهيو، جيڪڏهن ڪنهن ميمبر وٽ ڪو ٺوس ثبوت آهي ته هو عدالت کي آگاهه ڪري، اسان پاسڪو سان گڏ بيهڻ بدران انهن سان گڏ بيهنداسين ۽ جنهن سطح تي به انڪوائري اهي چاهين اسان ڪرائڻ لاءِ تيار آهيون. خوراڪ واري وزارت ۽ ڌيان ڇڪايو نوٽيس ڏيندڙ ميمبر 15 ڏينهن اندر رپورٽ ڏين. ان کانپوءِ ان معاملي کي ايف آءِ اي يا نيب کي موڪلينداسين، رجب علي بلوچ چيو ته ان ڳالهه جي اجازت ڏني وڃي ته ڪو به ميمبر ان معاملي ۾ پنهنجا خدشا پيش ڪري سگهي ٿو. اسپيڪر چيو ته پيپلزپارٽي، جي يو آءِ (ف)، پي ٽي آءِ سميت سڀئي سياسي پارٽيون هڪ هڪ ميمبر جو نالو ڏين.