قومي اسيمبلي پاران عبدالستار ايڌي کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت واري قرارداد منظور

قومي اسيمبلي پاران عبدالستار ايڌي کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت واري قرارداد منظور

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔ یکم اگست۔2016ء) قومي اسيمبلي سماجي شخصيت عبدالستار ايڌي جي سماجي خدمتن کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪندي قرارداد متفقه طور تي منظور ڪري ورتي آهي. ڪالهه سومر ڏينهن وفاقي وزير زاهد حامد قرارداد پيش ڪئي ته هي ايوان عبدالستار ايڌي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪري ٿو ۽ سندس پاڪستان ۾ سماجي خدمتن سان گڏوگڏ سڄي دنيا ۾ ڪيل خدمتن تي خراج عقيدت پيش ڪري ٿو. هي ايوان اميد ڪري ٿو ته سندس وارث سندس نقش قدم تي هلندي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪندا رهندا. اسپيڪر قرارداد ايوان ۾ پيش ڪئي جنهن کي متفقه طور تي منظور ڪيو ويو.