پاڪستان ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد جي ڀرپور سياسي، سفارتي ۽اخلاقي حمايت جاري رکندو: سرتاج عزيز

پاڪستان ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد جي ڀرپور سياسي، سفارتي ۽اخلاقي حمايت جاري رکندو: سرتاج عزيز

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔ یکم اگست۔2016ء) وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته پاڪستان ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد جي ڀرپور سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو، ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد کي دهشتگردي سان ڳنڍڻ زيادتي آهي، وزيراعظم نواز شريف پاران ٽن سالن دوران گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ ڪشمير مسئلو ڀرپور انداز ۾ اٿاريو آهي، سلامتي ڪائونسل جي 5 مستقل ميمبر ملڪن جي سربراهن کي والاريل ڪشمير ۾ تازي صورتحال ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين جي حوالي سان وزيراعظم نواز شريف پاران خط لکي رهيا آهيون، ڪشمير ۾ آزادي جو سج ضرور اڀرندو، اسان جو ايمان آهي ته نسل درنسل ڪشميرين جون قربانيون رائيگان نه وينديون، انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين سان دنيا آڏو ڀارت جي وڏي جمهوري هجڻ جي دعويٰ کوکلي ثابت ٿي رهي آهي. ڪالهه سومر ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي ظلمن بابت التوا واري رٿ تي بحث سهيڙيندي وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار سرتاج عزيز چيو ته تمام اهم موضوع تي تمام سٺي ڳالهه ٿي آهي، ڪشمير ۾ 60 کان وڌيڪ شهيد ۽ 6 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿيا، اڪثر جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، اهو تاثر صحيح نه آهي ته اسان ان جو نوٽيس ناهي ورتو. هن چيو ته ماڻهن جون اکيون ضايع ٿيون آهن، والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي حڪومت سوشل ميڊيا کي بند ڪري رکيو آهي ته جيئن دنيا کي ان ڳالهه کان لڪايو وڃي، اسپتالن ۾ به ڳوڙها آڻيندڙ گئس جي شيلنگ ڪئي پئي وڃي، ڪشمير جي خودمختياري جي حق کي طاقت ذريعي دٻائڻ جي ڪوشش سان آزادي جي تحريڪ کي وڌيڪ سگهه ملي رهي آهي، ڀارت دنيا کي گمراهه ڪري رهيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ ٻاهرئين مداخلت ٿي رهي آهي، ڪشميرين جي جدوجهد کي دهشتگردي سان ڳنڍڻ وڏي زيادتي آهي. هاڻي ڀارت ۾ به اهو آواز اٿي رهيو آهي ته ان مسئلي جو سياسي حل ڳولڻ گهرجي ۽ طاقت جو استعمال نه ڪيو وڃي. پرڏيهي صلاحڪار چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ 11 اهڙا قانون لاڳو ڪري رکيا آهن جيڪي عالمي انساني حقن جي کليل خلاف ورزي آهي ۽ اهي ڀارت فوج جي ظلمن کي قانوني تحفظ فراهم ڪن ٿا. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ برهان واني جي شهادت کانپوءِ اسان ڀارت جي هاءِ ڪمشنر کي طلب ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرايو، سلامتي ڪائونسل جي مستقل ميمبرن، يورپي يونين، گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۽ گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت هاءِ ڪمشنر جي نمائندن کي خط لکيا آهن ته اهي والاريل ڪشمير جي صورتحال کان پنهنجي حڪومتن کي آگاهه ڪن. هن چيو ته دنيا جي اهم ملڪن جي سفيرن کي ڀارتي ظلم جي حوالي سان خط لکيا جنهن جي جواب ۾ هنن چيو آهي ته انهن کي ان صورتحال تي ڳڻتي آهي ۽ ان جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. هن چيو ته جيڪي ماڻهو اهي ڳالهيون ڪن ٿا ته اسان ان مسئلي تي آواز ناهي اٿاريو اهي صحيح نه آهن. وزيراعظم جي وطن واپسي تي فوري طور تي ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي پائمالين جي مذمت ڪئي وئي، 20 جولاءِ تي سڄي ملڪ ۾ ڪارو ڏينهن ملهايو ويو. هن چيو ته انساني حقن جي ڪميشن کي سرڪاري طور تي لکيو آهي ته هو فيڪٽ فائنڊنگ مشن والاريل ڪشمير موڪلي جڏهن ته پيلٽ گن تي پابندي جي پڻ اسان تجويز ڏني آهي. هن ٻڌايو ته او آءِ سي ۾ انساني حقن بابت مستقل ڪميشن اڳ ۾ ئي ڀارت کي خط لکي چڪو آهي ته اسان فيڪٽ فائنڊنگ مشن والاريل ڪشمير موڪلڻ چاهيون ٿا. وزيراعظم نواز شريف پاران سلامتي ڪائونسل جي مستقل ميمبرن ڏانهن والاريل ڪشمير جي موجوده صورتحال جي حوالي سان خط موڪليا پيا وڃن.هن چيو ته اهو تاثر صحيح نه آهي ته پاڪستان والاريل ڪشمير جي تازي صورتحال تي ڪجهه ناهي ڪيو. گذريل سال جنرل اسيمبلي ۾ وزيراعظم ڀرپور انداز ۾ ڪشمير مسئلو اٿاريو جنهن سان ڀارت ۾ طوفان برپا ٿي ويو ته اهو ڪيئن ٿيو. آمريڪا جي دوري دوران آمريڪي صدر آڏو اهو معاملو اٿاريو ويو جنهن کانپوءِ پهريون ڀيرو اهو بيان آيو ته ڪشمير جي مسئلي کي حل ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته ڪيترن ئي سالن تائين جنرل اسيمبلي ۾ پاڪستان پاران ڪشمير جي مسئلي جو ذڪر تائين نه ٿيو تنهن هوندي به گذريل ٽن سالن دوران لاڳيتو وزيراعظم ان مسئلي کي اٿاري رهيو آهي. هن چيو ته اسان پارلياماني وفد جن ملڪن ڏانهن موڪليا آهن ان حوالي سان تجويز ٺاهي ڏئي ڇڏي آهي تنهن هوندي به اهو مستقل عمل آهي. هن چيو ته ڪشميري ڀائرن جي خودمختياري جي حق لاءِ پاڪستان جي يڪجهتي مضبوط آهي. اسان جو ايمان آهي ته نسل درنسل قربانيون ضايع نه ٿينديون ۽ ڪشمير ۾ آزادي جو سج ضرور اڀرندو. انساني حقنجي سنگين خلاف ورزين سان دنيا ۾ وڏي جمهوري هجڻ جي ڀارتي دعويٰ کوکلي ثابت ٿي آهي. اي پي پي/ش – چ/ع – ک 22:00