پاڪستان بلڊنگ ڪوڊز ۾ باهه وسائڻ بابت شقون شَامل

پاڪستان بلڊنگ ڪوڊز ۾ باهه وسائڻ بابت شقون شَامل

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 27فروری2016ء) پاڪستان بلڊنگ ڪوڊز ۾ باهه وسائڻ بابت شقن کي شَامل ڪيو ويو آهي ان سلسلي ۾ ڪالهه سومر ڏينهن ايوان صدر اسلام آباد ۾ هڪ پروقار تقريب ٿي جنهن ۾ صدر ممنون حسين خاص مهمان هو. باهه وسائڻ جا اهي ضابطا ٺوس انداز ۾ عالمي معيار ۽ پاڪستان جي ماحول کي نظر ۾ رکي تيار ڪيا ويا آهن. اهي ضابطا باهه کان بچاءُ جي لاءِ واضح ۽ مثبت انداز ۾ رهنمائي فراهم ڪندا. لاڳاپيل ادارن پاران انهن ضابطن تي موثر انداز ۾ عملدرآمد ذريعي باهه بابت حادثن جي خطرن کي گهٽ ڪندي عوام جي جان ۽ مال کي محفوظ بڻائڻ ۾ مدد ملندي. باهه کان بچاءُ جي ضابطن جي تياري هڪ اهم ڪاميابي آهي جيڪا آفتن کان محفوظ پاڪستان جي تعمير جي لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندي. باهه کان بچاءُ جي ضابطن کي بلڊنگ ڪوڊز جو حصو بڻائڻ ۾ نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ ٺوس ضابطا جوڙڻ جي لاءِ اين ڊي ايم اي آڪٽوبر 2015ع ۾ پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل سان هڪ ياداشت تي صحيحون ڪيون. ضابطن جي تياري جي سموري عمل جي لاءِ فنڊنگ جو انتظام پڻ اين ڊي ايم اي پاران ڪيو ويو. تياري جي لاءِ اعليٰ سطحي پيشيواراڻي ٽيم جوڙي وئي هئي. تياري کانپوءِ پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل جي گورننگ بورڊ باقاعده منظوري ڏني ۽ بعد ۾ قانون ۽ انصاف واري وزارت کان پڻ ضابطن جي توثيق ورتي وئي. پاڪستان ۾ بلڊنگ ڪوڊز 1986ع ۾ جوڙيا ويا جن ۾ بعد ۾ 2007ع ۾ ترميم ڪئي وئي. بلڊنگ ڪوڊز ۾ باهه بچاءُ بابت شق شامل نه هجڻ سبب سمورين سرڪاري ۽ نجي عمارتن ۾ باهه کان بچاءُ جو موثر نظام موجود نه آهي ۽ ان سلسلي ۾ عارضي انتظامن تحت قدم کنيا ويندا رهيا. باهه کان بچاءُ جي ضابطن کي بلڊنگ ڪوڊز ۾ شامل ڪرڻ سان انهن مسئلن کي حل ڪرڻ ممڪن ٿيندو ۽ آفتن جي خطرن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين، اين ڊي ايم اي چيئرمين ميجر جنرل اصغر نواز ۽ پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل جي چيئرمين جواد سليم قريشي ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪيو جنهن کانپوءِ اين ڊي ايم اي چيئرمين ۽ پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل جي چيئرمين باهه کان بچاءُ جا ضابطا ڪتابي شڪل ۾ صدر کي پيش ڪيا. تقريب جي پڄاڻي تي صدر ضابطن جي تياري تي ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيندي انهن کي تعريفي سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنا.