مودي حڪومت ٺهڻ کانپوءِ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم وڌي ويا آهن: مولانا فضل الرحمان

مودي حڪومت ٺهڻ کانپوءِ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم وڌي ويا آهن: مولانا فضل الرحمان

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔ یکم اگست۔2016ء) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي امير مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته نريندر مودي جي حڪومت ٺهڻ کانپوءِ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن ۾ اضافو ٿيو آهي، ڪشمير جي مسئلي تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جون منظور ٿيل قراردادون موجود آهن، ڪشمير ۾ ظلم ۽ تشدد ڪشميري عوام جي بنيادي حقن جي خلاف ورزي آهي، ان معاملي تي اسان کي عالمي برادري آڏو آواز اٿارڻ سان گڏوگڏ او آءِ سي جو اجلاس گهرائڻ گهرجي. ڪالهه سومر ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ والاريل ڪشمير جي صورتحال تي بحث جي شروعات ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته مودي حڪومت ٺهڻ کانپوءِ والاريل ڪشمير ۾ ظلمن ۾ اضافو ٿيو آهي. ڪشميري گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پرامن جدوجهد ڪري رهيا آهن، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان پاڻ دهشتگردي جو شڪار آهي تنهن هوندي به ڪشميرين کي اسان انهن حالتن ۾ به اڪيلو نٿا ڇڏي سگهون، ڪشميري هڪ ڏينهن ضرور آزادي حاصل ڪندا. ڪشمير کي سياسي اختلافن کان مٿانهون رکيو آهي، ان جدوجهد ۾ سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت انهن کي حاصل آهي. هن چيو ته آزاد ڪشمير ۾ چونڊون ٿي چڪيون آهن، مسلم ليگ (ن) کي به ڀاڱي ٽي اڪثريت ملي آهي اها ثابت ڪري ته مظفرآباد تحريڪ آزادي جو بيس ڪئمپ آهي ۽ سياسي اختلافن کان مٿانهون ٿي ان کي حقيقي معنيٰ ۾ بيس ڪئمپ بڻايو وڃي. هن چيو ته ڪشمير ڪميٽي جو ٻن ڏينهن کانپوءِ اجلاس ٿيندو جنهن ۾ حڪومت کي تجويزون ڏنيون وينديون، سمورن پارلياماني اڳواڻن کي اعتماد ۾ وٺي گڏيل تجويزون آنديون وينديون. هن چيو ته خصوصي پارلياماني ڪشمير ڪميٽي جا ٽي او آرز تمام ڪمزور آهن، اختيار نه آهن، ان ڪميٽي کي بالادست بڻايو وڃي ته جيئن هتي پاليسيون ٺهن، پارليامينٽ کي طاقتور بڻايو وڃي ۽ سڀني کي پارلياماني ڪميٽي آڏو جوابده بڻايو وڃي. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 19:55