سماجي انصاف (سوشل جسٽس) جو ڏهاڙو سڀاڻي ملهايو ويندو

سماجي انصاف (سوشل جسٽس) جو ڏهاڙو سڀاڻي ملهايو ويندو

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 18فروری2016ء) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ سماجي انصاف (سوشل جسٽس) جو ڏهاڙو سڀاڻي 20 فيبروري تي ملهايو ويندو. گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ اهو ڏينهن ملهائڻ جو مقصد سماجي انصاف جي فراهمي ۾ پيش ايندڙ مشڪلاتن کي ختم ڪرڻ ۽ سڀني جي لاءِ سماجي انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ آهي. هن سال جي ڏهاڙي جو موضوع تڪرار جي روڪٿام ۽ روزگار جي فروغ ذريعي پائيدار امن قائم ڪرڻ آهي.