وزيراعظم سيوهڻ شريف سانحي جي متاثرين سان يڪجهتي لاءِ نوابشاهه پهتو

وزيراعظم سيوهڻ شريف سانحي جي متاثرين سان يڪجهتي لاءِ نوابشاهه پهتو

نواب شاهه (پاکستان نیوز پوائنٹ 17فروری2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف سيوهڻ شريف سانحي جي متاثرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ جمعي ڏينهن نوابشاهه پهتو، ان سانحي ۾ 80 کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ٿيا هئا، ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار ۽ قومي سلامتي جو صلاحڪار ليفٽيننٽ جنرل (ر) ناصر خان جنجوعه وزيراعظم سان گڏ هئا، نوابشاهه ايئرپورٽ تي وزيراعظم جو استقبال سنڌ جي گورنر محمد زبير ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪيو.