جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ سمورن الزامن کي رد ڪريان ٿو، مون وٽ 2008ع تائين مالي معاملن جو سمورو رڪارڊ، ٽيڪس ريٽرنز موجود آهن، سپريم ڪورٽ جيڪڏهن چاهي ته منهنجي مالي معاملن جي آڊٽ جي لاءِ ڪنهن به عالمي فرم جون خدمتون حاصل ڪري سگهي ٿي: اسحاق ڊار/ سعد رفيق/ بئريسٽر ظفرالله جي پريس ڪانفرنس

جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ سمورن الزامن کي رد ڪريان ٿو، مون وٽ 2008ع تائين مالي معاملن جو سمورو رڪارڊ، ٽيڪس ريٽرنز موجود آهن، سپريم ڪورٽ جيڪڏهن چاهي ته منهنجي مالي معاملن جي آڊٽ جي لاءِ ڪنهن به عالمي فرم جون خدمتون حاصل ڪري سگهي ٿي: اسحاق ڊار/ سعد رفيق/ بئريسٽر ظفرالله جي پريس ڪانفرنس

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 11جولائی2017ء) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ پنهنجي مٿان هنيل سمورن الزامن کي رد ڪندي چئلينج ڪيو آهي ته مون وٽ 2008ع تائين مالي معاملن جو سمورو رڪارڊ، ٽيڪس ريٽرنز موجود آهن، سپريم ڪورٽ جيڪڏهن چاهي ته منهنجي مالي معاملن جي آڊٽ جي لاءِ ڪنهن به عالمي فرم جون خدمتون حاصل ڪري سگهي ٿي، آئون پهرين ڏينهن کان وٺي 30 جون 2017ع تائين هر شيءَ جو جواب ڏئي سگهان ٿو، منهنجي ملڪيت جي سوئي به رڪارڊ جو حصو آهي، جي آءِ ٽي جي پوري رپورٽ ۾ ڪو اهڙو نقطو نه آهي جيڪو سڌوسنئون وزيراعظم جي حوالي سان هجي، سيپٽمبر 2001ع ۾ نيب منهنجو ٽيڪس رڪارڊ کڻي وئي هئي، منهنجا ٻئي ٻارا شادي کانپوءِ خودمختيار آهن، مون وصيت ڪري ڇڏي آهي ته منهنجي اباڻي گهر کانسواءِ ريٽرنز ۾ ڊڪليئر سمورا اثاثا 100 يتيم ٻارن ۽ هجويري ٽرسٽ کي عطيو ٿيندا، پيپلزپارٽي جي حڪومت جي دور ۾ حڪومت ۾ شامل ٿيڻ کان ٻاهرئين ملڪن ۾ نوڪري سميت هر عهدي تان استعيفيٰ ڏني هئي، منهنجي آمدني جائز ۽ قانوني آهي، جي آءِ ٽي ٽيڪس ريٽرنز سمجهڻ جي صلاحيت نه ٿي رکي، حديبيه پيپر ڪيس کي 9 معزز ججن خارج ڪيو ۽ اهو به قرار ڏنو ويو ته اهو ڪيس ٻيهر ري اوپن نه ٿو ٿي سگهي، ان جي باوجود ان ڪيس بابت ڳالهيون ڪرڻ انهن 9 ججن جي توهين آهي. هو ڪالهه اڱاري ڏينهن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق ۽ وزيراعظم جي خصوصي معاون بيريسٽر ظفرالله سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته جي آءِ ٽي رپورٽ حتمي نه آهي، رپورٽ ۾ تمام گهڻيون رڪاوٽون ۽ ڪيتريون ئي خاميون موجود آهن، اسان جي ليگل ٽيم رپورٽ جو سمورن رخن کان جائزو وٺي رهي آهي. هن چيو ته عوام جو مينڊيٽ کڻي آيا آهيون، اسان کي ان مينڊيٽ جي لڄ رکڻي آهي، پاڪستان سڀني جو آهي، اسان کي ايندڙ نسلن کي حساب ڏيڻو آهي ته جيئن انهن کي باوقار، پرامن ۽ خوشحال بڻائي ڇڏي سگهون، اسان جا مخالف تلاشي گهري رهيا آهن پر پنهنجي تلاشي ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن، انهن کي ڪجهه ناهي ملڻو، ملڪ کي اڳتي وڃڻ ڏيو. ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته رپورٽ ۾ ڪيترائي ڪاغذ اهڙا آهن جن کي پڙهي نه ٿو سگهجي يا جن تي صحيحون موجود نه آهن. ناڻي واري وزير چيو ته رپورٽ ۾ چيو ويو ته 1981ع کان وٺي 2002ع تائين منهنجي ٽيڪس ريٽرنز موجود نه آهن ۽ ظاهري طور ٽيڪس چوري ڪئي وئي آهي. ناڻي واري وزير چيو ته مشرف دور ۾ منهنجو ٽيڪس رڪارڊ نيب پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو هو، 3 جولاءِ تي جي آءِ ٽي ۾ پيشي دوران مون کي چيو ويو ته ايف بي آر 2003ع کان 2008ع تائين توهان جا ٽيڪس ريٽرنز ناهن موڪليا جنهن تي مون ان ئي ڏينهن جي آءِ ٽي کي اهي ريٽرنز موڪلي ڇڏيا ان جي رسيد ايف بي آر وٽ موجود آهي جڏهن ته 1981ع کان 2002ع تائين منهنجو رڪارڊ 7 جولاءِ تي نيب کان وٺي جي آءِ ٽي کي فراهم ڪيو ويو ان جي به رسيد موجود آهي. ناڻي واري وزير چيو ته پنهنجي ٻارن کي انهن جي شادي کانپوءِ خودمختيار ڪري ڇڏيو هو ۽ انهن کي سياست کان جدا رکيو. هن چيو ته منهنجي اثاثن جي هڪ سوئي به رڪارڊ جو حصو آهي، 2008ع ۾ وزارت سنڀالڻ کان اڳ گذريل ذميوارين کي ڇڏي چڪو هئس. هن چيو ته الحمدالله منهنجو ڳاڻيٽو خيرات ڏيندڙن ۾ ٿئي ٿو، 8 ڪروڙ 61 لک رپيا هجويري ٽرسٽ کي خيرات ڪيا، هجويري ٽرسٽ ۾ 92 ٻار تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، وصيت ۾ پنهنجي آمدني يتيم ٻارن جي نالي ڪري چڪو آهيان، منهنجا سمورا اثاثا ۽ آمدني جا ذريعا ڊڪليئر آهن، منهنجي هر مهيني جي پگهار هجويري ٽرسٽ جي اڪائونٽ ۾ وڃي ٿي. هن چيو ته مستحق ادارن کي خيرات ڏيڻ جي عمل کي ٽيڪس چوري چوڻ افسوسناڪ آهي. ٻڌايو وڃي ته ڪڏهن ۽ ڪٿي ٽيڪس تفصيلن کي لڪايو، منهنجي مالي معاملن ۾ ڪٿي جهول آهي؟ هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جي اثاثن بابت گوشوارن ۾ جاءِ نه هجڻ جي باوجود آئون آخر ۾ هڪ نوٽ لکندو آهيان ته منهنجي سيلري هجويري ٽرسٽ ۾ وڃي ٿي جيڪا سينيٽر جي حيثيت سان به وڃي ۽ وفاقي وزير جي حيثيت سان به وڃي رهي آهي، مون کي ٻڌايو وڃي ته خيرات جي ڪمن ۾ ڪهڙي طرح ٽيڪس چوري ٿي آهي. هن چيو ته مون سمورا اثاثا ۽ آمدني جا ذريعا ڊڪليئر ڪيا آهن ان حوالي سان سمورا الزام رد ڪريان ٿو. هن چيو ته حديبيه پيپرز مل ڪيس کي معزز جج خارج ڪري چڪا آهن ۽ پنهنجي حڪم ۾ معزز جج اهو به لکيو آهي ته اهو ڪيس ٻيهر ري اوپن نه ٿو ٿي سگهي. هن چيو ته حديبيه پيپر مل ڪيس ۾ سيڪيورٽي ان ايڪشن ٿيڻ کانپوءِ ان بابت سوال ڪرڻ جو جواز ئي نه ٿو رهي، ان ڪيس ۾ 9 ادارن مان ڪنهن ۾ به هڪ رپيو پبلڪ مني جو نه هو، اهو معاملو ته تمام گهڻو اڳ حل ٿي ويو هو، جيڪڏهن سياسي تماشو لڳائڻو آهي ته پوءِ اهو به فيصلو ڪري وٺو ته ملڪ کي ڪهڙي طرف وٺي وڃڻ چاهيو ٿا. هن چيو ته اسان جي سياست ۾ هڪ نئون ڪلچر اهو به بڻجي چڪو آهي ته هڪ طرف پاڻ ته سپريم ڪورٽ کان ڀڄان ۽ ٻئي طرف پاڻ ئي سپريم ڪورٽ بڻجي وڃان. هن چيو ته حڪومت جي دانشمنداڻين پاليسين ۽ فيصلن سان پاڪستان ترقي جي رستي تي گامزن آهي، هاڻي اسان پاڪستان کي جي 20 ملڪ جو ميمبر بڻائڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون، ايندڙ ڪجهه سالن ۾ پاڪستان ان فورم جو ميمبر بڻجي ويندو. ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو ته جي آءِ ٽي جي رپورٽ ٻن مهينن جي تياري نه ٿي لڳي، رپورٽ جو گهڻو مواد بنا پڇيل سوالن تي ٻڌل آهي، جي آءِ ٽي جانبداري کان ڪم ورتو ۽ هڪطرفي ٽريفڪ هلائي، جي آءِ ٽي ۾ هنيل الزامن جو سپريم ڪورٽ ۾ جواب ڏينداسين، آئيني عدالت ۽ عوام جي عدالت ۾ ڄمي دفاع ڪنداسين. سعد رفيق چيو ته پاناما جو ڊائريڪٽر ملڪ کان ٻاهر جڏهن ته اداڪار ملڪ جي اندر آهن ۽ مرڪزي ڪردار عمران خان آهي. هن چيو ته جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ سورس رپورٽ ۽ اهڙا ڪاغذ هنيا ويا آهن جن بابت صفائي ڏيندڙن کان پڇيو ئي نه ويو. هن چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ جي آءِ ٽي رپورٽ اچڻ کانپوءِ سپريم ڪورٽ جي اندر دفاع پڻ ڪنداسين ۽ طوطا مينا ڪهاڻي جي ڪوڙ کي ثبوتن ۽ دليلن سان بي نقاب ڪنداسين. هن چيو ته جي آءِ ٽي جي رپورٽ ۾ ايترو ڪجهه لکيو ويو آهي جيڪو ٻن مهينن ۾ لکڻ ناممڪن آهي، اها اصليت به سامهون اچي ويندي ته پاناما دستاويزن جي پٺيان ڪير هو. هن چيو ته وزيراعظم جي ڪا آف شور ڪمپني نه آهي، هن رپورٽ ۾ جيڪو چيو ويو آهي ان جي حوالي سان پڻ ٺوس ثبوت پيش ڪنداسين. هن چيو ته اخلاقي جواز جو راڳ آلاپيندڙ زرداري جي پارٽي اڳ ۾ پنهنجي گهر ۽ پارٽي کي به ڏسي وٺي، پيپلزپارٽي جي اندر فنڪار به تمام گهڻا آهن. هن چيو ته عمران خان به اخلاقي جواز جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، مٿس نظر وجهو ته اسان کي تمام گهڻيون اهڙيون شيون به بغير نالي ملنديون جيڪي بغير نالي هجڻ گهرجن. هن چيو ته وزيراعظم نواز شريف کي پارٽي گذارش ڪئي آهي ته هاڻي عدالت جي اندر قانوني صلاحڪارن کي ڪيس وڙهڻ ۽ سياست ۾ سياست جي ميدان ۾ سياسي ڪارڪنن کي ڪيس وڙهڻ ڏيو. هن چيو ته منهنجي ٻن ساٿين جي تقريرن جو متن سپريم ڪورٽ گهرايو آهي پر بعد ۾ پي ٽي آءِ جي وڪيل جي چوڻ تي منهنجو نالو پڻ شامل ڪيو ويو آهي، اسان جو به مطالبو آهي ته سپريم ڪورٽ جا ترجمان بڻجندڙ عمران خان، شيخ رشيد ۽ اعتزاز احسن جي تقريرن جي متن جو جائزو ورتو وڃي. هن چيو ته جيڪڏهن تقرير نه ڪندس ته سياست به نه ڪندس، منهنجي هر تقرير ۾ عدليه جي احترام ۽ وقار جي ڳالهه شامل هئي. وزيراعظم جي قانون ۽ انصاف واري صلاحڪار بئريسٽر ظفرالله چيو ته جي آءِ ٽي جي رپورٽ ۽ عدالتي فيصلي ۾ تمام گهڻو فرق هوندو آهي، رپورٽون عمران خان جي خلاف به آيون آهن، جي آءِ ٽي کي رڳو ڪجهه فليٽن جي جاچ بابت چيو ويو هو پر هن پنهنجي دائره اختيار کي اورانگهيو. هن چيو ته جي آءِ ٽي جي رپورٽ ۾ ڪجهه جملن جي آخر ۾ اهڙو جملو لکيو ويو آهي جيڪو ثابت ڪري ٿو ته رپورٽ لکندڙ ڪو ٻيو هو.