وزيراعظم خطاب ۾ جرائتمنداڻو ۽ واضح موقف اختيار ڪيو: نزهت صادق

وزيراعظم خطاب ۾ جرائتمنداڻو ۽ واضح موقف اختيار ڪيو: نزهت صادق

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 22ستمبر 2016ء) پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرپرسن نزهت صادق چيو آهي ته وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ خطاب ۾ ڪشمير مسئلي تي جرائتمنداڻو ۽ واضح موقف اختيار ڪيو. ڪالهه خميس ڏينهن اي پي پي سان ڳالهائيندي سينيٽر نزهت صادق چيو ته وزيراعظم عالمي برادري تي زور ڏنو ته ڪشمير جو پراڻو تڪرار حل ڪرڻ ۾ تعاون ڪري، هن چيو ته وزيراعظم عالمي فورم کي خطاب ۾ ڀارتي رياستي دهشتگردي کي بي نقاب ڪيو آهي، هن چيو ته ڪنهن به پاڪستاني اڳواڻ طرفان ڪشمير مسئلي کي ايتري موثر انداز ۾ اجاگر ڪرڻ جو هي پهريون موقعو آهي، وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ والاريل ڪشمير ۾ بي گناهه ڪشميرين تي ڀارتي فورسز جي ظلمن تي طرف عالمي ڌيان ڇڪايو.