قائداعظم يونيورسٽي جي شاگردن جو معاملو انضباطي ڪميٽي ڏانهن موڪليو ويو آهي: گهرو مملڪتي وزير

قائداعظم يونيورسٽي جي شاگردن جو معاملو انضباطي ڪميٽي ڏانهن موڪليو ويو آهي: گهرو مملڪتي وزير

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 19نوری2016ء) گهرو مملڪتي وزير انجنيئر بليغ الرحمان چيو آهي ته قائداعظم يونيورسٽي جي شاگردن جي ٻن گروپن ۾ ڇڪتاڻ کانپوءِ پوليس ايف آءِ آر داخل ڪئي، هاڻي ٺاهه ٿي چڪو آهي، معاملو انضباطي ڪميٽي ڏانهن موڪليو ويو آهي، ڪالهه خميس ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران هن چيو ته شاگردن جي ٻن گروپن ۾ تڪرار سبب يونيورسٽي ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي هئي ۽ ناخوشگوار صورتحال پيدا ٿي جيڪا هاڻي ٺيڪ ٿي وئي آهي پر پوليس ان معاملي تي ايف آءِ آرز داخل ڪئي ان کانپوءِ هاڻي يونيورسٽي انتظاميه به مداخلت ڪئي، انضباطي ڪميٽي ان سلسلي ۾ ڪارروائي ڪري رهي آهي، اميد آهي ته آئنده اهڙي طرح جي صورتحال پيش نه ايندي. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م18:47