عمران خان نادرشاهي سياست ڪري ٿو: وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد

عمران خان نادرشاهي سياست ڪري ٿو: وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد

ڪراچي (پاکستان نیوز پوائنٹ 24اکتوبر2016ء) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته عمران خان نادرشاهي سياست ڪري ٿو، رستن تي انتشار، فتني ۽ فساد جي سياست جو سموريون جمهوري قوتون مقابلو ڪنديون، ڌرڻي جي سياست ڪندڙ پاڪستان کي ترقي ڪندي ڏسڻ نه ٿا چاهين، عدالتي نوٽس کانپوءِ ڌرڻي جو ڪو جواز نه آهي، جيڪڏهن عمران خان کي سپريم ڪورٽ تي اعتماد آهي ته هو عدالت جي فيصلي جو انتظار ڪري، سرڪاري ڪم ڪار ۾ مداخلت ٿي ته قانون حرڪت ۾ ايندو. اها ڳالهه هن ڪالهه سومر ڏينهن ناليواري قوال امجد صابري مرحوم جي رهائشگاهه تي صحافين سان ڳالهائيندي چئي. سينيٽر پرويز رشيد چيو ته سپريم ڪورٽ عمران خان سميت سمورين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن، وزيراعظم عدالتي نوٽيس جي آجيان ڪئي آهي، اسان عدالت وينداسين ته جيئن عمران خان جو ڪوڙ بي نقاب ٿي سگهي. سينيٽر پرويز رشيد چيو ته ماضي ۾ رستن تي ٿيندڙ فيصلا ملڪ کي نقصان پهچائيندا رهيا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته تڪراري خبر جي معاملي تي جاچ جاري آهي، جڏهن جاچ مڪمل ٿيندي ته رپورٽ ميڊيا آڏو آندي ويندي. هن چيو ته حڪومت تي آڱريون کڻندڙن ۾ عمران خان ۽ اعتزاز احسن شامل آهن ۽ ٻئي جنهن اجلاس جي ڳالهه ڪري رهيا آهن ان ۾ انهن جي پارٽين جا وڏا وزير پڻ موجود هئا، آڱريون صرف اسان طرف ڇو ٿيون اٿن؟ هن چيو ته پاڪستان ۾ آڪٽوبر جو مهينو محلاتي سازشن جو رهيو آهي، ان سازش جو شڪار سڀ کان پهرين لياقت علي خان بڻيو ۽ کيس شهيد ڪيو ويو. آڪٽوبر 1999ع ۾ وزيراعظم محمد نواز شريف جي خلاف سازش ڪئي وئي، اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو جي قافلي تي پڻ آڪٽوبر 2007ع ۾ قاتلاڻو حملو ٿيو. امجد صابري جي قاتلن جي گرفتاري جي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ان حوالي سان ٿيندڙ اڳڀرائي بابت سنڌ حڪومت بهتر جواب ڏئي سگهي ٿي، ماضي ۾ به ڪراچي ۾ ٿيندڙ وڏن ڏوهن ۾ ملوث ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو آهي. هن چيو ته امجد صابري مرحوم پوري دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪيو، امجد صابري جي ٻارن جي ڪفالت حڪومت آئنده به ڪندي رهندي. ان کان اڳ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد ناليواري قوال امجد صابري جي گهرڀاتين سان ملاقات ڪئي ۽ وزيراعظم محمد نواز شريف پاران اعلان ڪيل هڪ ڪروڙ رپين جو امدادي چيڪ گهرڀاتين کي ڏنو.