ٻي ٽيسٽ کان اڳ ياسر شاهه انجري جو شڪار

ٻي ٽيسٽ کان اڳ ياسر شاهه انجري جو شڪار

مانچسٽر(پاکستان پوائنٹ نیوز۔21 جولائی۔2016) پاڪستان ۽ انگلينڊ جي وچ ۾ ٻي ٽيسٽ مئچ کان اڳ پاڪستان جي اسپنر بالر ياسر شاهه معمولي انجري جو شڪار ٿي ويو آهي. پاڪستاني ٽيم اولڊ ٽريفورڊ ۾ جمعي کان شروع ٿيندڙ ٽيسٽ مئچ جي تيارين ۾ مصروف هئي ان سلسلي ۾ به جاري پريڪٽس سيشن دوران ياسر شاهه معمولي زخمي ٿي پيو. خميس تي نيٽ ۾ بيٽنگ پريٽڪس ڪندي پاڪستاني بالر جو بال ان جي کٻي ڪنڌ تي لڳي جنهن کان پوءِ ان کي معمولي ڌڪ لڳو ۽ تڪليف سبب ياسر شاهه کي ٽيم ڊاڪٽرن جلدي طور تي ڊريسنگ روم ۾ پهچايو قومي ٽيم مئنجمينٽ مطابق ياسر شاهه جي انجري معمولي نوعيت جي آهي ۽ هو ٻي ٽيسٽ مئچ کان اڳ فٽ ٿي ويندو.