اقليتن جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ حڪومت سمورا ممڪن قدم کڻندي: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

اقليتن جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ حڪومت سمورا ممڪن قدم کڻندي: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ21اگست2017ء ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ملڪ ۾ اقليتن جي تحفظ ۽ سمورن شعبن ۾ ميرٽ ۽ صلاحيت موجب کين ترقي جا موقعا فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهن، اقليتن جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ حڪومت سمورا ممڪن قدم کڻندي. هن اها ڳالهه مذهبي معاملن واري پارلياماني سيڪريٽري خليل جارج جي قيادت ۾ مسيحي برادري جي وفد سان سومر ڏينهن هتي وزيراعظم آفيس ۾ ملاقات دوران چئي. وفد ۾ ٻين کانسواءِ بشپ عرفان جميل، بشپ اشرف جوزف، بشپ همفري سرفراز، پاسٽر ابراهيم دانيال، پاسٽر عمران فضل، سسٽر سوزن سردار ۽ سسٽر مارٿا تاج شامل هيون. شماريات وارو وفاقي وزير ڪامران مائيڪل به ملاقات ۾ موجود هو. وفد وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي پاڪستان جي پوري مسيحي برادري طرفان وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کي مبارڪباد ڏني. وفد پاڪستان ۾ ڪوڙهه جي مريضن جي لاءِ پنهنجي زندگي وقف ڪندڙ آنجهاني ڊاڪٽر روٿ فائو جي سرڪاري تدفين جي اعلان تي وزيراعظم جو ٿورو ادا ڪندي چيو ته حڪومت پاڪستان ڊاڪٽر روٿ فائو کي جيڪا عزت ۽ احترام ڏنو آهي ان سان پاڪستان جي مسيحي برادري کي پوري ملڪ ۾ پهرين کان جاري سماجي ۽ انساني همدردي جي خدمتن کي سگهه ڏيڻ جو حوصلو مليو آهي. وفد وزيراعظم کي ملڪ جي مختلف حصن ۾ مسيحي برادري کي درپيش مشڪلاتن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم ملڪ ۾ اقليتن خاص طور تي مسيحي برادري جي قابل قدر خدمتن کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته اقليتن جو تحفظ ۽ سمورن شعبن ۾ ميرٽ ۽ صلاحيت موجب کين ترقي جا موقعا فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهن. وزيراعظم چيو ته حڪومت ملڪ ۾ مذهبي هم آهنگي جي فروغ ۾ پرعزم آهي. وزيراعظم چيو ته اقليتن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ حڪومت سمورا ممڪن قدم کڻندي.