وزيراعظم اڄ چشما ٿري جوهري بجلي گهر جو افتتاح ڪندو

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 27دسمبر2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف اڄ اربع ڏينهن چشما ٿري جوهري بجلي گهر جو افتتاح ڪندو، چشما ٿري جوهري بجلي گهر سان 340 ميگاواٽ بجلي ملندي. ڪالهه اڱاري ڏينهن وزيراعظم هائوس موجب اهو پلانٽ چين ۽ پاڪستان اٽامڪ انرجي ڪميشن جي گڏيل تعاون سان مڪمل ڪيو ويو آهي ۽ ملڪ ۾ بجلي جي کوٽ تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ڏيندو. چشما ون ۽ چشما ٽو پراجيڪٽ جي ڪامياب آپريشن کانپوءِ هي ٽيون منصوبو آهي.

چشما فور نيوڪليئر پاور جو منصوبو 2017ع ۾ مڪل ٿيندو جڏهن ته ڪراچي نيوڪليئر پاور پراجيڪٽ ڪي 2 ۽ ڪي 3 سان 2030ع تائين قومي گرڊ ۾ 8800 ميگاواٽ بجلي جو اضافو ٿيندو. پاڪستان نيوڪليئر ريگيوليٽري اٿارٽي چشما ٿري سميت سمورن نيوڪليئر پاور منصوبن جي منظوري ڏني آهي. چشما ٿري پاور پلانٽ پاڪ چين گڏيل تعاون جو هڪ ٻيو اهم سنگ ميل آهي. اي پي پي/ع – ک 21:01

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو