قومي اسيمبلي جي پارلياماني معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 27دسمبر2016ء) قومي اسيمبلي جي پارلياماني معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪالهه اڱاري ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ ڪميٽي جي چيئرمين ميان عبدالمنان جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ڊاڪٽر نثار احمد جٽ، شيخ محمد اڪرم، ميان طارق محمود، اظهر قيوم ناهره، رشيد احمد خان، نديم عباس، سلمان حنيف خان، عارفه خالد پرويز، نفيسه عنايت الله خٽڪ، ناصر خان خٽڪ، ملڪ اعتبار خان کانسواءِ لاڳاپيل سرڪاري ادارن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو پاران قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيل چونڊ قانون ترميمي بل 2014ع جي مسودي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.

بل ۾ عوامي نمائندگي 1976ع ۽ اليڪشن ڪميشن آڊٽ 2002ع ۾ شفافيت جي لاءِ ترميمون ۽ چونڊ عمل جي فنڊنگ جي حوالي سان احتساب جي طريقيڪار بابت ترميمون شامل آهن. ان حوالي سان اليڪشن ڪميشن ڪميٽي کي بريفنگ ڏني. جنهن کانپوءِ ڪميٽي فيصلو ڪيو ته پارلياماني معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جا ميمبر خاص طور تي جڏهن ته پارليامينٽ ميمبر عام طور تي ان حوالي سان پنهنجي راءِ کان ڪميٽي کي آگاهه ڪن. اي پي پي/ع – ک 21:03

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو