سردار اياز صادق پاران بينظير ڀٽو جي شهادت تاريخ جو ڪارو باب قرار

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 27دسمبر2016ء) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کي ملڪي تاريخ جو ڪارو باب قرار ڏيندي ان جي جمهوريت جي استحڪام جي لاءِ قرباني تي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. ڪالهه اڱاري ڏينهن محترمه بينظير ڀٽو جي نائين ورسيءَ جي موقعي تي جاري هڪ بيان ۾ هن چيو ته محترمه بينظير ڀٽو پاڪستان ۾ جمهوريت کي استحڪام بخشڻ جي لاءِ نه رڳو جدوجهد ڪئي پر هن قرباني ڏيڻ کان به نه گهٻرايو.

هن چيو ته محترمه بينظير ڀٽو سدائين جمهوريت جي جنگ وڙهي ۽ جمهوريت جي خاطر پنهنجي جان جي قرباني ڏني، هو هڪ بهادر اڳواڻ هئي جنهن هڪ آمر جي اکين ۾ اکيون وجهي جمهوريت خاطر مردن وانگر مقابلو ڪيو. اي پي پي/ع – ک 19:11

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو