قومي اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 27دسمبر2016ء) قومي اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس ڪالهه اڱاري ڏينهن ڪميٽي جي ڪنوينر سردار عاشق حسين گوپانگ جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ ڪميٽي جي ميمبرن شيخ روحيل اصغر ۽ شاهده اختر علي کانسواءِ لاڳاپيل سرڪاري ادارن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ وزيراعظم سيڪريٽريٽ جي 10 – 2009ع جي التوا هيٺ پيل آڊٽ اعتراضن جو جائزو ورتو ويو. ڪميٽي وزيراعظم سيڪريٽريٽ جا آڊٽ اعتراض اڪلائي ڇڏيا. اي پي پي/ص – ج/ع – ک 15:44

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو