قومي اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي فيصلن تي عملدرآمد جي لاءِ قائم خصوصي ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 28دسمبر2016ء) قومي اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي فيصلن تي عملدرآمد جي لاءِ قائم خصوصي ڪميٽي جو اجلاس ڪالهه اربع ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ ڪميٽي جي ڪنوينر رانا افضال احمد جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ ڪميٽي جي ميمبر ميان عبدالمنان سميت لاڳاپيل سرڪاري ادارن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وزارت جي آڊٽ اعتراضن تي پي اي سي جي حڪمن جي روشني ۾ عملدرآمد جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. آڊٽ عملدارن پي اي سي کي ٻڌايو ته 1998ع ۾ لائن آف ڪنٽرول تي متاثرين جي بحالي لاءِ ايڊوانس طور 18 ڪروڙ کان وڌيڪ رقم ادا ڪئي وئي.

18 سال گذرڻ جي باوجود 70 سيڪڙو کان وڌيڪ رقم جي اڃا تائين ايڊجسٽمينٽ نه ٿي سگهي. ڪميٽي پڇيو ته چار سال اڳ معاملي جي جاچ لاءِ پي اي سي حڪم ڏنو هو پر اڃا تائين ان جي جاچ ڇو ناهي ڪئي وئي. ميان عبدالمنان چيو ته 18 سال گذرڻ جي باوجود رقم جو معاملو ڇو طئي ناهي ٿي سگهيو. آڊٽ عملدارن پي اي سي کي ٻڌايو ته آزاد ڪشمير حڪومت جي ملڪيتي زمين غيرقانوني طور تي خريد ڪئي وئي جنهن مان 76 ڪينال زمين جي قيمت اڃا تائين ادا ناهي ڪئي وئي. ڪميٽي چيو ته موجوده مارڪيٽ ويليو موجب قيمت وصول ڪئي وڃي ۽ ادائيگي نه ٿيڻ جي صورت ۾ جاءِ خالي ڪرائي وڃي. اي پي پي/ص – ج/ع – ک 16:20

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو