بلوچستان سميت سڄي ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال ۾ نمايان بهتري آئي آهي: صدر ممنون حسين

ڪوئيٽا (پاکستان نیوز پوائنٹ 27دسمبر2016ء) صدر ممنون حسين چيو آهي ته بلوچستان سميت سڄي ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال ۾ نمايان بهتري آئي آهي، نيشنل ايڪشن پلان تي موثر عملدرآمد ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي گڏيل تعاون سبب دهشتگردي جي واقعن ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي، حڪومت جي ڪارڪردگي کي عالمي ادارا به ساراهي رهيا آهن. هن اها ڳالهه ڪالهه اڱاري ڏينهن هتي گورنر هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چئي.

ان موقعي تي بلوچستان جو گورنر محمد خان اچڪزئي، قومي اسيمبلي ميمبر خليل جارج، صوبائي وزير عبدالرحيم زيارتوال، مير مجيب الرحمان محمد حسني ۽ سردار رضا بڙيچ پڻ موجود هئا. صدر ممنون حسين چيو ته باصلاحيت فنڪارن، اديبن، شاعرن جي مالي مدد جي لاءِ انڊونمينٽ فنڊ قائم ڪيو ويو آهي ۽ بلوچستان جا ضرورتمند اديب، فنڪار ۽ شاعر به انڊونمينٽ فنڊ مان فائدو کڻي سگهن ٿا. اي پي پي/ع – ک 19:09

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو