مريم اورنگزيب پاران جهاز حادثي تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 7دسمبر2016ء) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب پي آءِ اي جهاز حادثي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي جيڪو چترال کان اسلام آباد وڃي رهيو هو.

پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ مملڪتي وزير حادثي ۾ قيمتي جانين جي نقصان تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي جنهن ۾ ناليوارو مذهبي اسڪالر جنيد جمشيد پڻ سوار هو. مملڪتي وزير ان کي پاڪستان جي عوام جي لاءِ وڏو نقصان قرار ڏنو ۽ دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مارجي ويلن جي مغفرت فرمائي ۽ سوڳوار خاندانن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو