قومي اسيمبلي جي دفاعي پيداوار بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 7دسمبر2016ء) پاڪستان ايروناٽيڪل ڪمپليڪس (پي اي سي) جي چيئرمين ايئر مارشل ارشد ملڪ چيو آهي ته ترڪيءَ کي ٻن مهينن ۾ 52 سپر مشاق تربيتي جهاز فراهم ڪرڻ جي معاهدي تي طريقيڪار کي حتمي شڪل ڏني پئي وڃي. هو ڪالهه اربع ڏينهن قومي اسيمبلي جي دفاعي پيداوار بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪميٽي کي بريفنگ ڏئي رهيو هو. اسٽينڊنگ ڪميٽي جواجلاس ڪميٽي جي چيئرمين خواجه سهيل منصور جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. پي اي سي جي چيئرمين ايئر مارشل ارشد ملڪ ڪميٽي کي ٻڌايو ته پاڪستان ايروناٽيڪل ڪمپليڪس ۽ ترڪيءَ جي دفاعي پيداوار واري وزارت سان ٿيندڙ معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ جي لاءِ سموريون صلاحيتون استعمال ۾ آنديون پيون وڃن جنهن جو مقصد پاڪستان جي ايوي ايشن صنعت کي فروغ ڏيڻ آهي.

هن پاڪستان ايروناٽيڪل ڪمپليڪس جي ٻين ڪاميابين جي حوالي سان ڪميٽي کي ٻڌايو ته پي اي سي شروعاتي تربيت جي لاءِ 300 جهاز تيار ڪيا آهن جيڪي فوج جي تربيتي ادارن ۾ استعمال ٿي رهيا آهن، انهن جهازن جي خصوصيتن جي حوالي سان ٻڌايو ته اهي جهاز ايمرجنسي صورتحال ۾ منهن ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت رکڻ سان گڏوگڏ باقاعده رن وي کانسواءِ به لينڊنگ جي صلاحيت رکن ٿا. هن ڪميٽي کي ٻڌايو ته پي اي سي گذريل 6 مهينن دوران نائيجيريا يا قطر ۽ ترڪي کي تربيتي جهاز فراهم ڪرڻ جا معاهدا ڪيا آهن. هن ٻڌايو ته پي اي سي مارچ يا اپريل 2017ع ۾ قطر کي 6 تربيتي جهاز فراهم ڪندو. هن ٻڌايو ته انهن دفاعي معاهدن جي ڪري پاڪستان جي مٽاسٽا جي ناڻي ۾ اضافو ٿيندو.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو