پاڪستان سارڪ جي مقصدن کي حاصل ڪرڻ تي يقين رکي ٿو: وزيراعظم محمد نواز شريف

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 8دسمبر2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان خطي جي خوشحالي جي لاءِ ڏکڻ ايشيائي تنظيم براءِ علائقائي تعاون (سارڪ) جي مقصدن کي حاصل ڪرڻ تي يقين رکي ٿو، وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار سارڪ جي 31 هين سالگرهه ۽ 32 هين سارڪ چارٽر ڊي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته ان موقعي تي هو سارڪ تحت گڏيل مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ گڏجي هلڻ ۽ سارڪ جا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا، هن چيو ته پاڪستان سارڪ جو باني ميمبر هجڻ جي حيثيت سان سارڪ چارٽر جي اصولن تي ڪاربند آهي ۽ انهي جذبي تحت پاڪستان 19 هين سارڪ سربراهه ڪانفرنس جي ميزباني جون تياريون ڪيون تنهن هوندي به ڪانفرنس جي التوا سان علائقائي تعاون، ترقي ۽ خوشحالي جي امڪانن جي حوالي سان عوام هڪ دفعو ٻيهر محروم ٿي وئي آهي، هن سارڪ جي 31 هين سالگرهه ۽ سارڪ چارٽر ڊي جي 32 هين سالگرهه تي سارڪ جي ميمبر ملڪن جي عوام کي مبارڪباد ڏني.

هن چيو ته اڄ جو ڏينهن اسان ان جذبي جي اظهار طور ملهايون ٿا جنهن جو اعتماد عوام اسان جي اڳواڻن تي ڪيو ۽ هن سارڪ چارٽر کي پڄاڻي تي پهچائڻ جي لاءِ ڪم ڪيو ۽ انهي جي نتيجي ۾ سارڪ جو قيام عمل ۾ آيو، وزيراعظم چيو ته اڄ کان ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصو پهرين هن گڏيل علائقائي ڪوششون ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ پنهنجي عوام جي زندگي جي بهتر معيار جي لاءِ ڪوششون تيز ڪيون، تنهن هوندي به وزيراعظم ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته سارڪ جا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ اها ڪاميابي ناهي ملي جنهن جو تصور ڪيو ويو هو ۽ پنهنجي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي جا مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ جيڪي واعدا ڪيا ويا هئا اهي پورا نه ٿيا، وزيراعظم ڏکڻ ايشيا جي عوام جي امن، خوشحالي ۽ هم آهنگي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو