سينيٽ جي پوري ايوان تي ٻڌل ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 7دسمبر2016ء) سينيٽ جي پوري ايوان تي ٻڌل ڪميٽي جو اجلاس ڪالهه اربع ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس شروع ٿيڻ تي سينيٽر محسن لغاري چيو ته بجلي جي لائين لاسز جي ڳالهه ٿئي ٿي پر پاڻي جي زيان تي ڳالهه نه ٿي ڪئي وڃي، ايندڙ وقت ۾ ملڪ کي پاڻي جي سخت کوٽ کي منهن ڏيڻو پوندو، پاڻي حاصل ڪرڻ جو واحد ذريعو گليشيئرز آهن جنهن تي پاڻي ۽ بجلي واري واري وفاقي وزير خواجه حمد آصف چيو ته ديامير ڀاشا ڊيم اسان جي حڪومت ٺاهي رهي آهي. هن چيو ته پاڻي مفت ملي ٿو ان جي لاءِ ان جو قدر نه آهي، اسان جو فوڪس جيترو پاڻي جي مسئلي تي هجڻ گهرجي ايترو نه آهي پر حڪومت ان تي ڌيان ڏئي رهي آهي. هن چيو ته پاڻي تي پوکي ۽ شهري واٽر سپلاءِ تي حڪومت سبسڊي ڏئي رهي آهي، ان تي مڪمل بحث ٿيڻ گهرجي ۽ ماهرن کان راءِ پڻ وٺڻ گهرجي ته ڪهڙي طرح کي محفوظ بڻائڻ گهرجي.

سينيٽر نعمان وزير چيو ته درياءَ جهلم، سنڌ ۽ چناب جي پاڻي جو ڪنٽرول ڀارت وٽ آهي، ڀارت سان پاڻي جو مسئلو حل ٿيڻ گهرجي، سنڌ طاس معاهدي جي خلاف ورزي ٿي ته جنگ ٿيندي، اسان کي ڀارت کي واضح پيغام ڏيڻ گهرجي ۽ ان مسئلي کي عالمي فورم تي کڻڻو پوندو. چيئرمين چيو ته ان کان اڳ سينيٽ پاران اهو پيغام وڃي چڪو آهي ته سنڌ طاس معاهدي جي خلاف ورزي ڪنهن صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي. سينيٽر فرحت الله بابر چيو ته پاڻي جي مسئلي تي قومي سطح تي سيمينار ٿيڻ گهرجي جنهن تي چيئرمين چيو ته سينيٽ جي لاءِ ائين ممڪن نه آهي اسان هتي ڳالهه ڪنداسين. پاڻي ۽ بجلي واري واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو ته جيڪڏهن ڀارت سنڌ طاس معاهدي جي خلاف ورزي ڪئي ته ڀرپور جواب ڏينداسين، ان حوالي سان حڪومت پاران واضح پيغام وڃي چڪو آهي.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو