قومي اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 8دسمبر2016ء) قومي اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي (پي اي سي) هائوسنگ ۽ تعميرات واري وزارت ۽ فيڊرل گورنمينٽ ايمپلائيز هائوسنگ فائونڊيشن کي هدايت ڪئي آهي ته سپريم ڪورٽ ۽ ايف بي آر سميت جن ادارن جي پنهنجي هائوسنگ سوسائيٽيون آهن انهن کي وفاقي ملازمتن جي ڪوٽا تحت پلاٽ الاٽ نه ڪيا وڃن، پي اي سي پلاٽن جي غير قانوني ۽ غير منصفاڻي الاٽمينٽس جي جاچ جي لاءِ ٽي رڪني ذيلي ڪميٽي جوڙي ڇڏي جيڪا 15 ڏينهن ۾ پنهنجي رپورٽ پيش ڪندي، اجلاس خميس ڏينهن پي اي سي جي چيئرمين سيد خورشيد احمد شاهه جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ ڪميٽي جي ميمبرن محمود خان اچڪزئي، روحيل اصغر، راجا جاويد اخلاص، شفقت محمود، ڊاڪٽر درشن، خالد مقبول صديقي سميت لاڳاپيل سرڪاري ادارن جي آفيسرن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ هائوسنگ ۽ تعميرات واري وزارت جي 14 -2013ع جي آڊٽ اعتراضن جو جائزو ورتو ويو، آڊٽ عملدارن پي اي سي کي ٻڌايو ته اپريل 2009ع ۾ فيڊرل گورنمينٽ ايمپلائيز هائوسنگ فائونڊيشن ۽ ميسرز گرين ٽري پرائيويٽ لميٽيڊ جي وچ ۾ بهاره ڪهو هائوسنگ اسڪيم جي ڊولپمينٽ جو معاهدو طئي ٿيو، هي ڪم ٻن سالن ۾ مڪمل ٿيڻو هو، غير ضروري دير مجرماڻي غفلت آهي، ان سان غريب ماڻهو متاثر ٿيا آهن، ان ۾ 3 ارب روپين جو مسئلو آهي، نيب عملدارن چيو ته سپريم ڪورٽ ان معاملي جو 2011ع ۾ پاڻمرادو نوٽيس ورتو، اسان تفصيلي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي هئي، پي اي سي جي ميمبرن ان ڪيس جي جاچ ۾ 5 سالن تائين غفلت ڪرڻ تي نيب جي ڪردار تي به سوال اٿاريو، پي اي سي جي چيئرمين سيد خورشيد احمد شاهه نيب جي ان معاملي تي 15 ڏينهن ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي، آڊٽ عملدارن پي اي سي کي ٻڌايو ته اسلام آباد انتظاميه (آءِ سي ٽي) جي ملازمن جي لاءِ فيڊرل گورنمينٽ ايمپلائيز هائوسنگ فائونڊيشن ڌار ڪوٽا مخصوص ڪري 60 پلاٽ صرف پوليس کي الاٽ ڪري ڇڏيا جيڪا قانون جي خلاف وري آهي، اهي به وفاقي ملازمن آهن، انهن جو ڌار ڪوٽا نه هجڻ گهرجي، سيد خورشيد احمد شاهه چيو ته ايف بي آر سميت ٻين ادارن کي پنهنجون پنهنجون هائوسنگ اسڪيمون آهن، پي اي سي هدايت ڪئي ته جن ادارن جون پنهنجون هائوسنگ اسڪيمون آهن انهن کي هائوسنگ فائونڊيشن جي ڪوٽا مان ڪو به پلاٽ نه الاٽ ڪيو وڃي.

ايف جي اي ايڇ ايس طرفان پي اي سي کي ٻڌايو ويو ته ايگزيڪيٽو ڪميٽي ڪوٽا جي حوالي سان پاليسي جوڙيندي آهي جنهن جي وزيراعظم کان منظوري ورتي ويندي آهي، وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته 2013ع کان هر قسم جي صوابديدي ڪوٽا ختم ڪئي وڃي ۽ ڪنهن جي لاءِ به خصوصي ڪوٽا مختص نه ڪئي وڃي، وزيراعظم جي حڪمن تحت هاڻي بنيادي اصولن کي نظر ۾ رکيو ويندو آهي تنهن هوندي به صحافين سميت مختلف پروفيشنز جي لاءِ مختص ڪوٽا ختم ناهي ٿي، هن چيو ته ڪنهن به وفاقي ملازم کي هڪ صرف ڀيرو پلاٽ الاٽ ٿي سگهي ٿو، سيد خورشيد احمد شاهه چيو ته هڪ ماڻهو کي هڪ ئي پلاٽ الاٽ ٿيڻ گهرجي، هن ملڪ ۾ سپريم ڪورٽ جي ججن به ٻه ٻه پلاٽ ورتا، آفيسرن کي حڪومت به پلاٽ ڏيندي آهي ۽ اهي فائونڊيشن کان به پلاٽ وٺي وٺندا آهن، صحافين جا به پلاٽ فائونڊيشن ۾ آهن، اسان کي پلاٽ مليا ته ميڊيا گوڙ ڪري ٿي، ميان عبدالمنان چيو ته انهن ماڻهن کي پلاٽ ۽ اسان مٿان تنقد ٿيندي آهي، پي اي سي غير مجاز ماڻهن کي پلاٽن جي الاٽمنيٽ جي جاچ جي لاءِ شفقت محمود، ميان عبدالمنان ۽ جنيد انور چوڌري تي مشتمل 3 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي جيڪا پي اي سي کي 15 ڏينهن ۾ رپورٽ ڏيندي.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو