عرفان صديقي پاران وفاق مولانا سليم الله خان جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 16نوری2016ء) وزيراعظم جي قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري صلاحڪار عرفان صديقي وفاق المدارس العربيه پاڪستان جي صدر شيخ الحديث مولانا سليم الله خان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.

مرحوم جي صاحبزادن مولانا عادل خان ۽ عبيدالله خان جي نالي تعزيتي پيغام ۾ وزيراعظم جي صلاحڪار عرفان صديقي چيو ته مولانا سليم الله دين جي تبليغ ۽ اشاعت لاءِ اڻ ڳڻيون خدمتون سرانجام ڏنيون، اتحاد مدارس دينيه ۽ وفاق المدارس العربيه جي سربراهه جي حيثيت سان هن ديني مدرسن جي نظم ۽ انهن جي علمي سرگرمين جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، سندس لاڏاڻي سان هڪ وڏو خال پيدا ٿي ويو آهي، عرفان صديقي دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام ڏي ۽ پوئينرن کي صبر جميل عطا فرمائي. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 16:33

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو