قومي اسيمبلي جي ترجمان جي وضاحت

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 16نوری2016ء) قومي اسيمبلي جي ترجمان سينيٽ مان منظور ٿيل يتيمن جي (بحالي ۽ ڀلائي) بل 2016ع کي قومي اسيمبلي طرفان ردي جي ٽوڪري ۾ اڇلڻ جي حوالي سان شايع ٿيندڙ خبر جي وضاحت ڪندي چيو آهي ته آئين ۽ قومي اسيمبلي جي قاعدن ۽ ضابطن تحت سموريون گهرجون پوريون ڪيون وينديون آهن، اهڙي طرح جي خبرن ۾ ڪا به صداقت نه آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته سينيٽ ۾ پيش ٿيندڙ بل جيڪي اسيمبلي کي موڪليا ويندا آهن آئين جي آرٽيڪل 70 جي نقطن جن کي قومي اسيمبلي ۾ ڪارروائي ۽ طريقيڪار جي قاعدي 2007ع قائده 144، 145 ۽ 146 گڏائي پڙهيو وڃي، جي عين مطابق قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ زير عمل ۾ آندو ويندو آهي.

ترجمان آئين جي آرٽيڪل 70 جو حوالو ڏيندي چيو ته وفاقي قانونسازي جي فهرست ۾ ڪنهن معاملي جي حوالي سان ڪو به بل ڪنهن به ايوان ۾ پيش ڪري سگهجي ٿو جيڪڏهن اهو ايوان ان کي منظور ڪري ٿو ته جنهن ۾ هي پيش ڪيو ويو ته ان کي ٻي ايوان ڏانهن موڪليو ويندو آهي ۽ جيڪڏهن ان کي رد ڪيو ويندو آهي ته يا ايوان ۾ ان کي 90 ڏينهن جي اندر منظور نه ڪيو وڃي ته ان ايوان، جنهن ۾ پيش ڪيو ويو هجي جي درخواست تي گڏيل اجلاس ۾ غور هيٺ آندو ويندو آهي، هن چيو ته قومي اسيمبلي جو سيڪريٽري قاعدي جي تحت سينيٽ طرفان قومي اسيمبلي کي موڪليل هر بل قومي اسيمبلي جي ميمبرن ۾ ورهايو ويندو آهي، ترجمان ان ڳالهه جو خاص طور تي ذڪر ڪيو ته قاعده 145 تحت اهڙي طرح جي بل جي ورڇ کانپوءِ سرڪاري بل جي صورت ۾ ڪو به وزير، ڪو به ميمبر رٿ پيش ڪرڻ جي ارادي جو نوٽيس ڏئي سگهي ٿو ته بل کي غور هيٺ آندو وڃي، هن وڌيڪ چيو ته جنهن ڏينهن نظام ڪار ۾ غور جي لاءِ رٿ پيش ڪئي ويندي آهي وزير يا جيڪو به هجي نوٽيس ڏيندڙ ميمبر رٿ پيش ڪري سگهي ٿو، ته بل تي غور ڪيو وڃي، هن ياد ڏياريو ته جيستائين ڪوئي ميمبر يا وزير اهڙي رٿ پيش ڪرڻ جي پنهنجي ارادي بابت نوٽيس نٿو ڏئي ان ڏس ۾ وڌيڪ ڪارروائي عمل ۾ نٿي آڻي سگهجي، ترجمان وڌيڪ چيو ته موجوده قومي اسيمبلي کي سينيٽ طرفان 17 سرڪاري بل موڪليا ويا جنهن تي سيڪريٽريٽ باضابطه طور تي ڪارروائي ڪئي، قومي اسيمبلي غور/منظور ڪيو ۽ قانون جوڙيو، هن چيو ته گڏيل اجلاس ۾ نجي ميمبرن جا 5 بل به منظور ڪيا ويا آهن، اهڙي طرح سينيٽ طرفان قومي اسيمبلي کي نجي ميمبرن جا 19 بل موڪليا ويا جيڪي قانون مطابق ميمبرن ۾ ورهايا ويا ۽ طريقيڪار جي قاعدي 145 تحت اسيمبلي ميمبر طرفان غور ويچار جي لاءِ ڏنل نوٽيسز جو انتظار آهي، جيستائين ڪوئي ميمبر ان جو نوٽيس نٿو ڏي ته قومي اسيمبلي ان تي ڪارروائي نٿي ڪري سگهي، ترجمان چيو ته يتيمن کي سهارو (بحالي ۽ بهبود) بل 2016ع سينيٽ کان ملندي ئي قومي اسيمبلي ۾ فورن ڪارروائي ڪئي وئي ڇو ته هي قومي اسيمبلي ۾ باضابطه طور تي ورهايو ويو ۽ اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو جنهن کانپوءِ ان کي قومي اسيمبلي جي ڪابينا سيڪريٽريٽ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي حوالي ڪيو ويو جيتوڻيڪ بل تي آئين ۽ قاعدي تحت موثر ڪارروائي ڪئي وئي، ترجمان چيو ته ان حوالي سان هڪ اخبار ۾ 12 جنوري 2017ع تي شايع ٿيندڙ خبر، جنهن ۾ ان بل کي رد جي ٽوڪري جي نظر ڪيو ويو آهي، ان خبر ۾ ڪا به صداقت نه آهي، هن چيو ته پارلياماني روايتن جي نتيجي تحت قومي اسيمبلي جي منظور ڪيل 2 بل يعني پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل (ترميمي) بل 2016ع ۽ ديواني عدالتون (ترميمي) بل 2016ع سينيٽ طرفان 90 ڏينهن جي اندر منظور نه ڪرڻ تي قومي اسيمبلي کي واپس موڪليا ويا آهن. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 14:38

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو