ريڊيو پروگرامن جي معيار کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ جديد براڊ ڪاسٽنگ ٽيڪنالاجي جو استعمال يقيني بڻايو وڃي: صباء محسن رضا

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 16نوری2016ء) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري وفاقي سيڪريٽري صباء محسن رضا چيو آهي ته ريڊيو پروگرامن جي معيار کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ جديد براڊ ڪاسٽنگ ٽيڪنالاجي جو استعمال يقيني بڻايو وڃي، پروڊيوسر براڊ ڪاسٽنگ انڊسٽري ۾ ريڙهه جي هڏي جي حيثيت رکن ٿا کين پروڊڪشن جي معيار مطابقت جي لاءِ تحقيق ۽ جديد تصور متعارف ڪرائڻ گهرجن. هو سومر ڏينهن هتي پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ اڪيڊمي ۽ ريڊيو هالينڊ ٽريننگ سينٽر جي سهڪار سان ٻن هفتن تي ٻڌل پروڊيوسرز ڪورس ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪري رهي هئي، ان ڪورس جو موضوع ”ملٽي ميڊيا جرنلزم، عورتن جي حقن جي تبديل ٿيندڙ رجحان“ هو جنهن ۾ بنگلاديش، ڀوٽان، نيپال، اردن، سريلنڪا، ويٽنام ۽ پاڪستان مان ريڊيو پروڊيوسرز شرڪت ڪئي. هن چيو ته پاڪستان ۾ شهري ۽ ٻهراڙي جي علائقن ۾ رهندڙ ماڻهو اڄ به اطلاعات، تعليم ۽ تفريح جي لاءِ ريڊيو تي اعتماد ڪن ٿا. هن اميد ظاهر ڪئي ته ان تربيتي ڪورس سان نوجوان پروڊيوسرن کي جديد علم کان آگاهي ۽ ريڊيو پروڊڪشن فني مهارت حاصل ٿيندي ۽ کين عالمي ٽرينرز دستياب هوندا، هن چيو ته پاڪستان ۾ ميڊيا آزاد آهي ۽ 96 پرائيويٽ ٽي وي چئنلن ۽ 200 کان وڌيڪ ايف ايم ريڊيوز جي موجودگي ۾ سرڪاري شعبي جي ميڊيا هاڻي وڌيڪ هڪ هٺي قائم نٿي رکي سگهي.

ان موقعي تي پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن جو ڊائريڪٽر جنرل خورشيد ملڪ اميد ظاهر ڪئي ته ريڊيو پاڪستان ۽ ريڊيو هالينڊ جي وچ ۾ ويجهي تعاون جو سلسلو جاري رهندو ۽ هو مستقبل ۾ به اهڙي طرح جون ڪوششون ڪندو رهندو، هن چيو ته صلاحيت ۾ اضافي جو هي ڪورس شرڪت ڪندڙن جي لاءِ هڪ بهترين موقعو آهي ته هو ملٽي ميڊيا جرنلزم ۾ جدت تلاش ڪن ۽ نئي فني مهارت سکن، پاڪستان ۾ هالينڊ جي سفير جنيٽي سپين چيو ته سندس جو ملڪ ڪيترن ئي شعبن ۾ پائيدار ترقي ۾ پاڪستان جو حصيدار آهي، اسان عورتن ۽ انساني حقن جي شعبن ۾ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته هالينڊ پاڪستان کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 15:24

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو