سينيٽ چيئرمين پاران رمضان جو احترام نه ڪرڻ تي سزائون وڌائڻ جو بل لاڳاپيل ڪميٽي حوالي

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 16نوری2016ء) سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني رمضان جو احترام نه ڪرڻ تي سزائون وڌائڻ جو بل لاڳاپيل ڪميٽي ڏانهن موڪلي ڇڏيو. سومر ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران سينيٽر چوڌري تنوير خان رٿ پيش ڪئي ته احترام رمضان آرڊيننس 1981ع ۾ وڌيڪ ترميم ڪرڻ جو بل احترام رمضان (ترميمي) بل پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي.

هن چيو ته رمضان جي احترام لاءِ قانون کي سخت ۽ سزائون وڌائڻ جي ضرورت آهي، رمضان جو احترام نه ڪرڻ تي سزائون تمام گهٽ آهن، حڪومت رٿ جي مخالفت نه ڪئي، چيئرمين رٿ تي ايوان جي راءِ حاصل ڪئي، 16 ميمبرن رٿ جي حق ۾ ۽ 15 مخالفت ۾ راءِ ڏني جنهن تي رٿ منظور ڪئي وئي، چيئرمين بل لاڳاپيل ڪميٽي ڏانهن موڪلي ڇڏيو. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 17:45

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو

وڌيڪ مضمون