رياستن ۽ سرحدي معاملن بابت قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 16نوری2016ء) رياستن ۽ سرحدي معاملن بابت قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سومر ڏينهن چيئرمين جمال الدين جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ فاٽا ۾ تعليمي شعبي جي بهتري لاءِ قدمن ۽ ڏکڻ وزيرستان ايجنسي ۾ بجلي جي فراهمي جي منصوبن بابت معاملن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ سيفران واري وفاقي وزير عبدالقادر بلوچ، سيفران جي سيڪريٽري، فاٽا جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري، ڪميٽي جي ميمبرن بيگم طاهره بخاري، عفت لياقت، آفتاب شعبان ميراڻي، محمد ڪمال، بلال احسن، ناصر خان ۽ صاحبزاده طارق الله خان شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ فاٽا جي سيڪريٽري جي غير حاضري تي وفاقي وزير ۽ ڪميٽي جي ميمبرن ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، وفاقي وزير چيو ته فاٽا جي سيڪريٽري جو سيفران ڪميٽي ۾ نه اچڻ سان ڪميٽي جو وقار مجروح ٿيو آهي، سيفران واري وزارت جي عملدار ڪميٽي کي ٻڌايو ته ڏکڻ وزيرستان ۾ طالبان خلاف لشڪر بڻائڻ لاءِ 25 ڪروڙ روپيا ڏنا ويا جنهن ۾ گهپلن جو انڪشاف ٿيو آهي، ان موقعي تي ڪميٽي چيئرمين سوال ڪيو ته پئسا ڪٿي خرچ ٿيا، ڪميٽي ميمبر قيصر جمال چيو ته خرچن جا تفصيل ڏنا وڃن، سيفران واري وفاقي وزير چيو ته افغان پناهگيرن جي منصوبن ۾ به بدعنواني جون شڪايتون آهن، چيف ڪمشنر آفيس ۾ افغان پناهگيرن جي منصوبن تي چيف ڪمشنر افغان پناهگير ڪميٽي کي بريفنگ ڏئي سگهي ٿو، ڪميٽي جي چيئرمين ايندڙ اجلاس ۾ ان معاملي کي بحث هيٺ آڻڻ جو فيصلو ڪيو.اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م16:29

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو