حڪومت اقليتن جي پوري طرح سارسنڀال ڪري رهي آهي: مملڪتي وزير پير امين الحسنات شاهه

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 19دسمبر2016ء) مذهبي معاملن واري مملڪتي وزير پير امين الحسنات شاهه چيو آهي ته حڪومت اقليتن جي پوري طرح سارسنڀال ڪري رهي آهي، انهن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ جدا وزارت به ٺاهي وئي آهي. ڪالهه سومر ڏينهن سينيٽ ۾ ڪرنل (ر) طاهر حسين مشهدي جي مذهبي آزادي کي تحفظ ڏيڻ جي لاءِ حڪومت پاران کنيل قدمن کي بحث هيٺ آڻڻ جي رٿ تي بحث سهيڙيندي پير امين الحسنات شاهه چيو ته قائداعظم اقليتن کي انهن جي حقن جي تحفظ جي خاطري ڪرائي هئي. دنيا ۾ اقليتن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ اهڙا قدم ناهن کنيا ويا جيڪي اسان کنيا آهن.

اسان ان مقصد جي لاءِ وزارت ۽ ڊويزن ٺاهي آهي، جيڪڏهن مندرن تي حملا ٿيا ته ڇا مسجدون محفوظ آهن، هتي نه اڪثريت محفوظ آهي نه اقليت، ڪنهن هڪ جو جهنڊو نه کنيو وڃي. گڏيل تڪليفن جي ازالي لاءِ ڪم ڪيو وڃي، 18 هين ترميم جي باوجود وفاقي حڪومت اقليتن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪري رهي آهي، انهن جي لاءِ خصوصي فنڊز آهن انهن جي مدد ڪئي وڃي ٿي، حڪومت اقليتن جي پوري طرح سارسنڀال ڪري رهي آهي، بين المذاهب هم آهنگي جي فروغ لاءِ به حڪومت ڪيترائي قدم کنيا آهن.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو