وزيراعظم محمد نواز شريف جي قيادت ۾ موجوده حڪومت قائداعظم جي فڪر موجب پاڪستان کي حقيقي فلاحي رياست بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي: مملڪتي وزير مريم اورنگزيب

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 19دسمبر2016ء) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم محمد نواز شريف جي قيادت ۾ موجوده حڪومت قائداعظم محمد علي جناح جي فڪر موجب پاڪستان کي حقيقي فلاحي رياست بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. قائداعظم محمد علي جناح جي 141 هين سالگرهه جي هفتيوار تقريبن جي شروعات جي سلسلي ۾ سومر ڏينهن هتي پي اين سي اي ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته ملڪ جي 60 سيڪڙو نوجوان آبادي کي قائد جي ويزن ۽ نظريه پاڪستان کان روشناس ڪرائڻ جي لاءِ وڏين تقريبن جو اهتمام ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته هڪ مهينو اڳ وزيراعظم محمد نواز شريف هڪ اجلاس ۾ قائداعظم جي سالگرهه جي تقريبن کي ڀرپور طريقي سان ملهائڻ جي لاءِ هدايتون ڏنيون هيون جنهن جو موضوع قائد جو پاڪستان آهي جن ۾ قائد جي تصويرن جي مصوري جي مقابلي، تقريري مقابلي، قائد جي زندگي بابت ڪوئيز، پپٽ شو، اسڪولن جي ٻارن تي ٽيبلو ۽ قومي ترانا ۽ ملي گيت شامل آهن.

هن چيو ته عام ماڻهو به قائد جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽڻ جي تقريب ۾ حصو وٺي سگهن ٿا ۽ ان حوالي سان پنهنجون تصويرون ٽوئٽر ۽ فيس بڪ تي اپ لوڊ ڪري سگهن ٿا جنهن تي ونر کي هڪ لک رپين جو انعام ڏنو ويندو، عوام قائد بابت يادگاري تصوير يا اهڙي ڪا ٻي نشاني به شيئر ڪري سگهن ٿا، وزيراعظم به قائد جي سالگرهه جي تقريبن ۾ شامل هوندو، نوجوان سياسي پارٽيون، واپاري برادري ۽ اقليتون به تقريبن ۾ حصو وٺنديون. لوڪ ورثه ۾ هڪ ڪلچرل ميلو به ٿيندو ۽ قائد جي تقريبن جي موضوع جي حوالي سان سمورن ميڊيا هائوسز کي دعوتناما جاري ڪيا آهن. بعد ۾ هن پي اين سي اي ۾ قائد جي تصويري نمائش جو باقاعده افتتاح ڪيو. ان موقعي تي ترقي، منصوبابندي ۽ سڌارن وارو وزير احسن اقبال، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي وارو صلاحڪار عرفان صديقي، ڪيڊ وارو وزير طارق فضل چوڌري، تعليم ۽ تربيت وارو مملڪتي وزير بليغ الرحمان ۽ ميئر انصر عزيز به موجود هئا.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو

وڌيڪ مضمون