تحريڪ انصاف ڪرپشن جا ثبوت پيش ناهي ڪري سگهي: دانيال عزيز

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 19دسمبر2016ء) مسلم ليگ (ن) جي قومي اسيمبلي ميمبر دانيال عزيز چيو آهي ته تحريڪ انصاف ڪرپشن جا ثبوت پيش ناهي ڪري سگهي، مختلف ادارن ۽ پارليامينٽ بابت ڪهڙي ڪهڙي زبان استعمال ڪئي وئي، 7 مهيا اڳ هنن جيڪا ڳالهه ڪئي سمورا دروازا کڙڪايا ۽ ادارن جي توهين کانپوءِ اڄ ٻيهر ان ئي جاءِ تي اچي اها ئي ڳالهه ڪري رهيا آهن. ڪالهه سومر ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شيخ رشيد ۽ مخدوم شاهه محمود قريشي جي اعتراض واري نقطي جو جواب ڏيندي مسلم ليگ (ن) جي ميمبر دانيال عزيز چيو ته پاناما پيپرز جو معاملو اپريل ۾ سامهون آيو هو ۽ مخالف ڌر جو مطالبو هو ته نواز شريف هتي اچي جواب ڏي، وزيراعظم هتي آيو، انهن جي ياداشت ۾ گهٽتائي نه آهي. هن پاڻ تسليم ڪيو ته هتي ڳالهه جدا هئي ۽ سپريم ڪورٽ ۾ جدا موقف آهي. عمران خان ۽ سندس اڳواڻ پارلياماني روايتن کي اڳيان وڌائين ها پر اهي پنهنجون سيٽون ڇڏي ٻاهر هليا ويا ۽ ڪاغذ ڦڙڪائيندي چوندا رهيا ته اسان وٽ ثبوت اچي ويا آهن، اڄ 7 مهينن کانپوءِ هو ٻيهر هتي بيٺل آهن، پاڪستان جي عوام کي اهو ٻڌايو وڃي ته 7 مهينن ۾ پاڪستان جي عوام کي ڪرپشن ۽ جيڪي ٻيون داستانون ٻڌايون ويون انهن جا هتي جواب وٺن ها، هڪ طوفان بدتميزي ڏسڻ ۾ آيو، اهو چيو ويو ته پئسو پاڪستان کان ٻاهر ويو.

هن چيو ته 7 مهينن ۾ رائيونڊ تي حملو ڪيو، مختلف ادارن بابت هن پارليامينٽ بابت ڪهڙي ڪهڙي زبان استعمال ڪئي وئي، اڄ ٻيهر ان ئي جاءِ تي اچي اها ڳالهه ڪري رهيا آهن جڏهن ته ان ۾ هنن مني لانڊرنگ، ٽيڪس چوري، اثاثا لڪائڻ جو ذڪر تائين ناهي ڪيو. بس هڪ وڪيل جي ڳالهه کڻي ان جو ڍنڍورو پٽي رهيا آهن، هي ان لاءِ اهو چئي رهيا آهن ته انهن جي ذهن ۾ جيڪو بيان آهي اهو ڪوڙو آهي، 35 پنڪچرز جو بيان هنن تسليم ڪيو ته غلط هو ۽ سياسي هو ۽ ان کي پنهنجي اليڪشن چوري ڪرڻ سان منسوب ڪيو. هن چيو ته پاناما پيپرز جي حوالي سان مني ٽريل ۽ وزيراعظم جي بيان ۾ فرق جو بيان هڪ ٻيو سياسي بيان آهي. هي سياسي بيان ۽ غلط بياني کي مڪس ڪري پنهنجو ڪم هلائين ٿا.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو