وزيراعظم پاران برلن واقعي جي مذمت

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 20دسمبر2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف برلن واقعي جي مذمت ڪئي آهي جنهن ۾ هڪ ٽرڪ ڪرسمس مارڪيٽ ۾ رش تي چاڙهڻ جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا.

ڪالهه اڱاري ڏينهن پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم قيمتي جانين جي زيان تي ڏک جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي انسانيت جي لاءِ گڏيل خطرو آهي. هن ان لعنت جي خاتمي لاءِ ٺوس عالمي ڪوششن تي زور پڻ ڏنو.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو