سمورن مذهبن کي مڃيندڙن کي انهن جي مذهبي عقيدي موجب زندگي گذارڻ جو حق حاصل هجڻ گهرجي: سينيٽرز

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 19دسمبر2016ء) سينيٽ ۾ مختلف سياسي پارٽين سان تعلق رکندڙ ميمبرن چيو آهي ته سمورن مذهبن کي مڃيندڙن کي انهن جي مذهبي عقيدي موجب زندگي گذارڻ جو حق حاصل هجڻ گهرجي، اقليتن کي انهن جا حق ملڻ گهرجن، مذهب جي نالي تي رتوڇاڻ بند ٿيڻ گهرجي. ڪالهه سومر ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران سينيٽر ڪرنل (ر) طاهر حسين مشهدي رٿ پيش ڪئي ته هي ايوان ملڪ ۾ مذهبي آزادي کي تحفظ ڏيڻ جي لاءِ حڪومت پاران کنيل قدمن تي بحث ڪري. رٿ تي بحث شروع ڪندي طاهر حسين شهدي چيو ته سمورن مذهب جي پاڪستانين کي اهو حق حاصل آهي ته اهي پنهنجي مذهب موجب رهائش رکي سگهن ٿا پر اڄ حالتون اهڙيون آهن جو اسان مسجدون ته ڇا پنهنجي گهرن ۾ نه ٿا وڃي سگهون، هي ملڪ جو سڀ کان اهم اشو آهي. سينيٽر سحر ڪامران چيو ته سمورن مذهب کي پنهنجي عقيدي موجب زندگي گذارڻ جي آزادي هجڻ گهرجي، سمورن مذهبن کي آزادي هجڻ گهرجي. سينيٽر اعظم سواتي چيو ته اسان کي نفرتن کي ختم ڪرڻو پوندو. سينيٽر سسئي پليجو چيو ته شدت پسندي نانگ وانگر ملڪ تي مڙهيل آهي. سينيٽر تنويرالحق ٿانوي چيو ته اقليتون ايم ڪيو ايم جي ويجهو آهن ڇو ته ايم ڪيو ايم ۾ اقليتن جي لاءِ ڪا نفرت نه آهي ۽ انهن جا حق محفوظ آهن، ڀارت جي مقابلي ۾ پاڪستان ۾ اقليتون وڌيڪ محفوظ آهن.

سينيٽر عثمان ڪاڪڙ چيو ته ڪجهه ماڻهو نفرتون پيدا ڪن ٿا، قوم کي فرقن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. سينيٽر فرحت الله بابر چيو ته جتي اظهار راءِ تي پابندي هوندي اتي مذهبي آزادي نه ٿي ٿي سگهي. سينيٽر نهال هاشمي چيو ته ڪجهه ماڻهو ڪنهن ٻئي کي خوش ڪرڻ جي لاءِ تڪراري بيان ڏين ٿا، پاڪستان اقليتن جي لاءِ محفوظ ملڪ آهي. سينيٽر مولانا عطاءُ الرحمان چيو ته پاڪستان جو بنياد ٻه قومي نظريي تي رکيو ويو ۽ ان وقت اهو فيصلو ڪرڻ گهرجي ها ته پاڪستان جي حمايت ڪرڻي يا نه. سينيٽر طلحيٰ محمود چيو ته پاڪستان ۾ مذهبي پارٽين جو اتحاد رهيو آهي، پوري دنيا ۾ مسلمانن تي ظلم ڪيا پيا وڃن ۽ اسان پاڪستان ۾ اقليتن جي حقن جو تحفظ ڪريون ٿا پر اهو تحفظ مسلمانن کي ٻين ملڪن ۾ حاصل نه آهي. مسلمانن تي شدت پسندي جو الزام هڪ سازش تحت هنيو وڃي ٿو، ڪلڀوشن ياديو هتي محبتون پکيڙڻ نه آيو هو. سينيٽر تاج حيدر چيو ته سمورا انسان برابر آهن ۽ انهن ۾ بنا ڪنهن فرق جي مذهب اخوت جو رشتو آهي. سينيٽر انجنيئر گيانچند چيو ته اقليتون قائد جو پاڪستان چاهين ٿا، اسان کي برداشت ۽ تحمل کي فروغ ڏيڻو پوندو، اقليتن جي حقن جو تحفظ ڪيو وڃي، انهن کي تحفظ جو احساس ڏياريو وڃي.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو