وزيراعظم پاران جهاز حادثي جي جاچ جلد ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 8دسمبر2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف سيفٽي انويسٽيگيشن بورڊ جي ذريعي جهاز حادثي جي تفصيلي، آزاداڻي ۽ شفاف جاچ جلد ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته انڪوائري ڪميٽي ۾ پاڪ فضائيه جو هڪ سينئر آفيسر به شامل هجي. ڪالهه خميس ڏينهن هتي وزيراعظم هائوس ۾ پي آءِ اي جي جهاز حادثي جا سبب ڄاڻڻ بابت هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي وزيراعظم چيو ته ضروري آهي ته سچ سامهون آندو وڃي جنهن کان عوام کي جلد آگاهه ڪيو وڃي. هن پي آءِ اي جي انتظاميه کي چيو ته متاثر خاندانن تائين پهتو وڃي ۽ انهن سان ڏک ونڊيو وڃي. وزيراعظم کي امدادي سرگرمين کان آگاهه ڪيو ويو ۽ ٻڌايو ويو ته حادثي ۾ فوت ٿيندڙ سمورن ماڻهن جون ميتون ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ اسلام آباد آنديون ويون آهن، کيس ٻڌايو ويو ته رشتيدارن کان سيمپل حاصل ڪرڻ ۽ سمورين ميتن جي شناخت ۾هڪ هفتو لڳي سگهي ٿو، هن هدايت ڪئي ته هي عمل جلد مڪمل ڪيو وڃي، پي آءِ اي جي چيئرمين، سيڪريٽري ايوي ايشن ڊويزن، ڊي جي سول ايوي ايشن ۽ پي آءِ اي جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر وزيراعظم کي ٻڌايو ته پي آءِ اي جو سمورو عملو ۽ پائليٽ انتهائي تجربيڪار پيشيوراڻي صلاحيتون رکندڙ آهي ۽ هزارين ڪلاڪ اڏام جو تجربو رکندڙ آهي ۽ فوتي ڪيپٽن 10 هزار ڪلاڪ کان وڌيڪ اڏام جو تجربو رکندڙ هو.

وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته بدقسمت جهاز جي معمول موجب باقاعده مينٽيننس ڪئي ويندي هئي ۽ هر لحاظ کان اڏام لاءِ موزن هو جنهن جو آخري معائنو هن سال جي جولاءِ ۽ نومبر ۾ ٿيو هو.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو