ميان رضا رباني پاران صدر جي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب تي بحث جي لاءِ وقت مقرر ڪرڻ جي حوالي سان ميمبرن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ پنهنجي رولنگ محفوظ

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 24نومبر2016ء) سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني صدر ممنون حسين جي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب تي بحث جي لاءِ وقت مقرر ڪرڻ جي حوالي سان ميمبرن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ پنهنجي رولنگ محفوظ ڪري ورتي.

ڪالهه خميس ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران سينيٽ چيئرمين چيو ته ان حوالي سان مختلف ميمبرن کان راءِ طلب ڪئي وئي هئي جنهن ان مخصوص سوال تي ٻڌل پهنجي راءِ پيش ڪري ڇڏي آهي، سينٽر جاويد عباسي، سينيٽر بئريسٽر سيف، سينيٽر مظفر حسين شاهه، مخالف ڌر اڳواڻ سينيٽر اعتزاز احسن کانسواءِ پارليماني معاملن واري وفاقي وزير شيخ آفتاب احمد ۽ قانون وارو وفاقي وزير زاهد حامد سينيٽ جي اجلاس ۾ ان حوالي سان دليل ڏنا، سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين سينيٽر فاروق ايڇ نائيڪ پنهنجو جواب لکت طور سينيٽ چيئرمين کي موڪليو جيڪو چيئرمين ايوان ۾ پڙهي ٻڌايو، سينيٽ چيئرمين وزيرن ۽ ميمبرن جو موقف ٻڌڻ کانپوءِ چيو ته مون سمورا دليل ٻڌا آهن انهن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ پنهنجي رولنگ ڏيندس.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو