سينيٽ چيئرمين پاران پرڏيهي صلاحڪار بابت ايجنڊا ملتوي

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 24نومبر2016ء) سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني پرڏيهي صلاحڪار بابت ايجنڊا ملتوي ڪري ڇڏي.

ڪالهه خميس ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران ٽن سينيٽرن پاڪ ترڪ اسڪولن جي ترڪ استادن ۽ عملي جا ويزا ختم ڪرڻ جي حوالي سان ڌيان ڇڪايو نوٽيس ايجنڊا تي هو جنهن جو جواب پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز کي ڏيڻو هو، ان کانسواءِ هن ڪنٽرول لائين ۽ ورڪنگ بائونڊري تي ڀارتي جارحيت جي حوالي سان به ايوان کي اعتماد ۾ وٺڻو هو تنهن هوندي به پرڏيهي صلاحڪار برطانوي پرڏيهي وزير جي اچڻ سبب پنهنجي مصروفيتن جي باري ۾ چيئرمين کي آگاهه ڪندي لاڳاپيل ايجنڊا ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي جنهن تي هي ايجنڊا ملتوي ڪئي وئي.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو