سينيٽ چيئرمين پاران ڪراچي مان گم ٿيندڙ ٽن ڄڻن جي باري ۾ گهرو وزارت کي سنڌ حڪومت سان رابطي ۾ رهڻ جي هدايت

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 24نومبر2016ء) سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني ڪراچي مان گم ٿيندڙ ٽن ڄڻن جي باري ۾ گهرو وزارت کي هدايت ڪئي آهي ته هو ان حوالي سان سنڌ حڪومت سان رابطي ۾ رهي، ڪالهه خميس ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ گهرو مملڪتي وزير انجنيئر بليغ الرحمان ايوان کي ٻڌايو ته انهن گم ٿيل ماڻهن جي حوالي سان ڪنهن ڪا به رپورٽ داخل ناهي ڪرائي جنهن سبب سنڌ حڪومت ڪا به ڪارروائي ڪرڻ کان پاسو ڪري رهي آهي، هن چيو ته مختلف ذريعن کان هي معلوم ٿيو آهي ته انهن ماڻهن کي ڪراچي مان حب آندو ويو هو پران حوالي سان ڪا به تصديق نه ٿي سگهي آهي، هي صوبائي معاملو آهي ۽ سنڌ حڪومت به ان حوالي سان واضح

ڪيو آهي ته جيستائين رپورٽ داخل نٿي ٿئي اسان ڪارروائي جي پوزيشن ۾ نه آهيون، مملڪتي وزير انجنيئر بليغ الرحمان چيو ته ان حوالي سان رپورٽ داخل ڪرڻ ضروري آهي ۽ پهرين به گم ٿيل ماڻهن جي حوالي سان ڪيس داخل ٿيندا رهيا آهن، سينيٽ چيئرمين چيو ته ٿي سگهي ٿو ته گم ٿيل ماڻهن جا گهرڀاتي ڊپ جو شڪار هجن ته رپورٽ داخل ڪرائڻ سان ڪٿي اسان پاڻ نه گم ٿي وڃون، ان جي جواب ۾ انجنيئر بليغ الرحمان چيو ته هي صوبائي معاملو آهي ۽ اسان ان سلسلي ۾ وڌيڪ ڪجهه نٿا ڪري سگهون، سينيٽ چيئرمين چيو ته توهان ان حوالي سان سنڌ حڪومت سان مسلسل رابطي ۾ رهو ۽ ڪنهن به تازي صورتحال جي حوالي سان ايوان کي آگاهه ڪريو.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو