عالمي برادري والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ صورتحال جي سنگيني جو نوٽيس وٺي: وزيراعظم محمد نواز شريف

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 24نومبر2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف عالمي برادري خاص طور تي برطانيه تي زور ڏنو آهي ته هو والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ صورتحال جي سنگيني جو نوٽيس وٺي، ڀارت تي ڄمون ۽ ڪشمير جي باري ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ۽ ڪشميري عوام جي انساني حقن جي احترام تي زور ڏيڻ گهرجي. هن اها ڳالهه خميس ڏينهن برطانيه جي پرڏيهي ۽ دولت مشترڪه جي معاملن جي وزير بورس جانسن سان وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات دوران چئي، وزيراعظم برطانوي پرڏيهي وزير جي پاڪستان جي پهرين دوري جي آجيان ڪندي ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته برطانيه پنهنجي نئين قيادت تحت مضبوط ٿي اڀرندو ۽ عالمي معاملن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو. برطانوي وزيراعظم ٿريسامي سان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي سيپٽمبر ۾ نيويارڪ ۾ ٿيندڙ ملاقات جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته هو ايندڙ سال اسلام آباد ۾ برطانوي وزيراعظم جي آجيان ڪرڻ جو منتظر آهي، وزيراعظم ميڊيا آفيس طرفان جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پاڪستان برطانيه کي پنهنجو ويجهو ۽ بااعتماد حصيدار تصور ڪري ٿو، اسان جي ٻه طرفي لاڳاپن جون پاڙون گڏيل تاريخ، ثقافتي رابطن ۽ مضبوط عوامي لاڳاپن ۾ ڳنڍيل آهن، هن چيو ته پاڪستان ۽ برطانيه جي وچ ۾ مضبوط اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپا هموار آهن، هن يقين ظاهر ڪيو ته ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪارن جي شعبن ۾ رابطن کي وڌيڪ سگهه ڏني ويندي، هن چيو ته پاڪستان برطانيه جي عالمي ترقي واري اداري طرفان ڪيل ڪم کي گهڻو ساراهي ٿو جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ برطانيه لاءِ خير سگالي جا شاندار جذبا ڏٺا وڃن ٿا، دهشتگردي جي خلاف عالمي جنگ ۾ پاڪستان جي ڪردار کي اجاگر ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان دهشتگردي جو بدترين نشانو بڻجي رهيو آهي، اسان 60 هزار کان وڌيڪ جانين جو نذرانو ڏنو ۽ وڏو اقتصادي نقصان برداشت ڪيو آهي، اسان آپشن طور نه پر مڙهڻ جي بنياد تي جنگ وڙهي رهيا آهيون، وزيراعظم چيو ته ڪاميابي سان جاري آپريشن ضرب عضب حتمي مرحلي ۾ آهي ۽ قومي لائحه عمل تي تشدد ۽ انتهاپسندي جي خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ شروع ڪيو ويو آهي، اسان سمورن دهشتگردن ۽ انتهاپسندن جي خلاف ڪنهن ڇوٽ کانسواءِ سخت ترين ممڪن قدم کڻڻ لاءِ پرعزم آهيون، وزيراعظم چيو ته پاڙيسرين سان ويجهن ۽ مفيد رابطن جي جوڙجڪ پرڏيهي پاليسي جي اهم ترجيح آهي، هن چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ افغان قيادت ۾ جامع عمل جي حمايت ڪري ٿو ۽ ان ڏس ۾ سمورن قدمن جي حمايت ڪندو رهندو.

هن چيو ته اسان کي والاريل ڪشمير ۾ تازي واقعن ۽ ڀارتي سيڪيورٽي فورسز طرفان انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين تي گهري ڳڻتي آهي، پاڪستان گڏيل ڳڻتي جي سمورن مسئلن تي ڀارت سان سنجيده، پائيدار ۽ نتيجا خيز ڳالهين جو خواهشمند آهي، ڄمون ۽ ڪشمير جو حل طلب مسئلو خطي ۾ سلامتي لاءِ بنيادي خطرو رهيو آهي، ڀارتي سيڪيورٽي فورسز طرفان لائين آف ڪنٽرول تي سيز فائر جي خلاف ورزين جو حوالو ڏيندي هن چيو ته ڀارت عالمي برادري جو ڌيان والاريل ڪشمير جي سنگين صورتحال تان هٽائڻ لاءِ لائين آف ڪنٽرول تي ڇڪتاڻ ۾ هروڀرو اضافو ڪيو آهي جتي قابض فوج بي گناهه ۽ معصوم عوام تي وحشياڻو ظلم ڪري رهي آهي، ان موقعي تي برطانوي پرڏيهي وزير وزيراعظم محمد نواز شريف جي قائداڻي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته برطانيه خطي ۾ پاڪستان جو دوست رهندو، علائقائي امن ۽ استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ پاڪستان جون ڪوششون حقيقت ۾ مثالي آهن، هن چيو ته سي پيڪ هڪ شاندار خواب آهي جنهن کي حقيقت جو روپ ڏنو پيو وڃي، بورس جانسن اقتصادي استحڪام لاءِ وزيراعظم جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته هو جي ايس پي پلس اسڪيم ۾ پاڪستان جي حمايت جاري رکندو، هن غيرت جي نالي تي قتل جي باري ۾ بل جي منظوري تي وزيراعظم کي مبارڪباد ڏيندي ان کي موجوده حڪومت جي هڪ شاندار ڪاميابي قرار ڏنو. وزيراعظم نواز شريف جي بصيرت انگيز ڪردار کي ساراهيندي بورس جانسن چيو ته برطانيه علائقائي امن ۽ اجتماعي ڀلائي خاطر پاڙيسري ملڪن سان رابطا هموار ڪرڻ جي حوالي سان وزيراعظم جي ويزن کي ساراهي ٿو. هن چيو ته برطانيه خطي ۾ استحڪام، امن ۽ ترقي لاءِ وزيراعظم نواز شريف جي حمايت ۽ تائيد ڪري ٿو، هن وزيراعظم محمد نواز شريف کي پاڪستان ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال ۾ بهتري تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته برطانوي سيڪيورٽي سهڪار ۾ پاڪستان جي مدد لاءِ تيار آهي، هن چيو ته برطانيه ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل واپاري لاڳاپن جي فروغ لاءِ به تيار آهي، معيشت جي بحالي جي ذريعي وزيراعظم طرفان موجود فضا جي ڏس ۾ پاڪستان جو ڪاروبار جو ماحول مثالي آهي، پرڏيهي وزير وزيراعظم کي يقين ڏياريو ته هو پاڪستان جي معيشت جي مختلف شعبن ۾ برطانوي سيڙپڪارن کي پنهنجي سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار ۾ نمايان طور تي سگهه ڏيڻ لاءِ قائل ڪندو. هن چيو ته سندس پاڪستان جو پهريون دورو ان ڳالهه جي عڪاسي آهي، پاڪستان حقيقت ۾ عظيم ۽ متحرڪ عوام وارو هڪ تمام خوبصورت ملڪ آهي ۽ عالمي سيڙپڪارن لاءِ شاندار موقعا پيش ڪري رهيو آهي.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو

وڌيڪ مضمون