سينيٽ چيئرمين پاران رپورٽون پيش ڪرڻ لاءِ وڌيڪ مهلت

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 24نومبر2016ء) سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني سينيٽ جي ٻن ڪميٽين کي ٽي ڌار ڌار معاملن تي ڪميٽين جون رپورٽون پيش ڪرڻ لاءِ وڌيڪ مهلت ڏئي ڇڏي آهي، ڪالهه خميس ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران گهرو معاملن واري اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر رحمان ملڪ جسماني تشدد روڪڻ وارو بل 2016ع جيڪو 29 فيبروري 2016ع تي سينيٽر سليم مانڊوي والا پيش ڪيو هو، تي ڪميٽي جي رپورٽ پيش ڪرڻ جي مدي ۾ 30 نومبر کان وڌيڪ 30 ڏينهن جي توسيع ڏيڻ جي درخواست ڪئي، چيئرمين ان جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ ڪميٽي کي رپورٽ پيش ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ 30 ڏينهن جي مهلت ڏئي ڇڏي.

قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر جاويد عباسي کي قومي احتساب بيورو جي آفيسرن جي ٻيهر مقررين جي معاملي تي ڪميٽي جي رپورٽ پيش ڪرڻ جي مدي ۾ وڌيڪ 30 ڏينهن جي مهلت ڏئي ڇڏي، سينيٽ چيئرمين ديواني عدالت (ترميمي) بل 2016ع تي ڪميٽي جي رپورٽ پيش ڪرڻ جي لاءِ به قانون ۽ انصاف واري اسٽينڊنگ ڪميٽي کي وڌيڪ 10 ڏينهن جي توسيع ڏئي ڇڏي.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو