وزيراعظم جو سانگله هل جي عوام پاران پرجوش نعرن سان استقبال

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 11نومبر2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف جو سانگله هل جي پنڊال ۾ پهچڻ تي علائقي واسين پرجوش نعرن سان استقبال ڪيو، وزيراعظم محمد نواز شريف هٿ لوڏي نعرن جو جواب ڏنو، ڏسو ڏسو ڪير آيو، شير آيو شير آيو جي نعرن

سان پنڊال وقفي وقفي سان گونجندو رهيو، وزيراعظم محمد نواز شريف ٽي سال اڳ ان علائقي جو دورو ڪيو هو ۽ عوام سان واعدو ڪيو هو ته 2013ع ۾ ڪامياب ٿيڻ کانپوءِ انٽرچينج جو تحفو ڏيندس، جيڪو وزيراعظم نواز شريف پورو ڪري ڪري ڏيکاريو آهي.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو