پاڪستان جي ترقي ۽ عوام جي ڀلائي اولين ايجنڊا، ڪجهه ماڻهو ترقياتي ايجنڊا کي روڪڻ چاهين ٿا، انهن ماڻهن سدائين ترقياتي منصوبن جي مخالفت ڪئي پر اهي ڪامياب نه ٿيا، اهڙن ماڻهن جي ايجنڊا ناڪام ۽ اسان جي ڪامياب ٿيندي رهندي: وزيراعظم محمد نواز شريف

سانگله هل (پاکستان نیوز پوائنٹ 11نومبر2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف پاڪستان جي ترقي ۽ عوام جي ڀلائي کي پنهنجو اولين ايجنڊا قرار ڏيندي چيو آهي ته ڪجهه ماڻهو ترقياتي ايجنڊا کي روڪڻ چاهين ٿا، انهن ماڻهن سدائين ترقياتي منصوبن جي مخالفت ڪئي پر اهي ڪامياب نه ٿيا، اهڙن ماڻهن جي ايجنڊا ناڪام ۽ اسان جي ڪامياب ٿيندي رهندي، عوام نواز شريف سان گڏ آهي ۽ هو ترقي جي ايجنڊا کي روڪيندڙن جو ڪڏهن به ساٿ نه ڏيندي. هو جمعي ڏينهن فيصل آباد – پنڊي ڀٽيان موٽر وي تي سانگله هل انٽر چينج جي افتتاحي تقريب جي موقعي تي هڪ وڏي عوامي ميڙ کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي هن سانگله هل لاءِ گئس جي فراهمي، ننڪانه صاحب ۾ 250 بسترن جي اسپتال جو جلد سنگ بنياد رکڻ، فيصل آباد ساهيانواله ايڪسپريس وي جي تعمير ۽ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 103 جي ٻهراڙي کي سوئي گئس فراهم ڪرڻ جو به اعلان ڪيو. ان موقعي تي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير برجيس طاهر، مملڪتي وزير سائره افضل تارڙ، اويڪيوٽرسٽ بورڊ جي چيئرمين صديق الفاروق، صوبائي پارلياماني سيڪريٽري رانا ارشد، قومي اسيمبلي ميمبر عرفان ڊوگر سميت علائقي جون ٻيون شخصيتون به موجود هيون. وزيراعظم محمد نواز شريف حڪومت جي ترقياتي منصوبن ۽ عوام کي صحت ۽ تعليم سميت مختلف سهولتن جي فراهمي جو ذڪر ڪندي چيو ته اهو وقت اچڻ وارو آهي انشاءُ الله گهر گهر بجلي ۽ گئس هوندي، موٽر ويز ٺهنديون، فصلن جي پيداوار وڌيڪ ٿيندي ۽ منڊين تائين تيزي سان رسائي ٿيندي جنهن سان آبادگارن کي هر شيءَ جي قيمت سٺي ملندي. هن چيو ته هاڻي بجلي سستي ٿيندي، جڏهن بجلي سستي ٿيندي ته ان جو سڌو سنئون فائدو پاڪستان جي عوام، آبادگارن، صنعتڪارن ۽ نوجوانن کي ٿيندو، گهرن ۾ چلها ٻرندا ۽ ترقي ۽ خوشحالي گهرن تي آواز ڏيندي. وزيراعظم چيو ته ٽي سال پهرين وارو پاڪستان ڏسو ۽ اڄ جو پاڪستان ڏسو ته واضح فرق نظر ايندو. پاڪستان مان بيروزگاري جو خاتمو ٿيندو، نوجوانن کي روزگار ملندو، ننڍن ننڍن گهرن ۾ رهندڙ جي گهرن ۾ خوشحالي ايندي، پاڪستان مان غربت ۽ جهالت جو خاتمو ٿيندو. هن چيو ته اهڙي طرح جا قدم ئي حقيقت ۾ پاڪستان جي ترقي آهن، ان ترقي کي ڪجهه ماڻهو روڪڻ چاهين ٿا پر هو ڪامياب نه ٿيندا، انهن ماڻهن سدائين اسان جي ترقي جي منصوبن جي مخالفت ڪئي پر اسان جي ايجنڊا نه رڪي، عوام نواز شريف سان گڏ آهي ۽ ترقي جي ايجنڊا کي روڪيندڙن جو ساٿ نه ڏيندي. هن چيو ته بجلي ۽ گئس جي منصوبن تي ڪم جاري آهي، موٽر ويز ۽ شاهراهون تعمير ٿي رهيون آهن، 2018ع تائين سڄي ملڪ مان بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ٿي ويندي، ان کي ترقي چون ٿا. وزيراعظم چيو ته عوام کي پڇڻ گهرجي ته اهي ڪير ماڻهو آهن جن بجلي جا مسئلا پيدا ڪيا ۽ اڄ ڪير ترقي جو رستو روڪي رهيو آهي، هي عنصر چاهين ٿا ته لوڊشيڊنگ ختم ۽ بجلي سستي نه ٿئي پر هن واضح ڪيو ته اهڙن ماڻهن جي ايجنڊا ناڪام ۽ اسان جي ڪامياب ٿيندي رهندي.

وزيراعظم چيو ته سي پيڪ سان پاڪستان جو نقشو بدلجي رهيو آهي، اقتصادي راهداري منصوبي سان نئون دور شروع ٿي رهيو آهي، وزيراعظم نواز شريف خيبرپختونخوا جو ذڪر ڪندي چيو ته نئين پاڪستان جو نعرو لڳائيندڙن ان صوبي ۾ ڪجهه نه ڪري رهيا آهن، نئون پاڪستان ڪو ٻيو نه پر اسان بڻائي رهيا آهيون، ملڪ مان دهشتگردي جو خاتمو اسان ڪيو آهي، ڪراچي ۾ امن ۽ امان جي بهتري اسان جي دور ۾ ٿي، دنيا پاڪستان جي ترقي جي سفر جو اعتراف ڪري ٿي. وزيراعظم محمد نواز شريف چيو ته هن 2013ع ۾ واعدو ڪيو هو ته جڏهن اسان جي حڪومت بڻجندي ته سانگله هل انٽر چينج تعمير ڪنداسين ۽ اڄ الله جي ڪرم سان انٽر چينج بڻجي چڪو آهي، ان حوالي سان پنهنجو واعدو پورو ڪري ڇڏيو آهي، اسان جيڪو به واعدو ڪريون ٿا ان کي پورو ڪندا آهيون. هن چيو ته سانگله جي عوام نواز شريف سان محبت ڪري ٿي ۽ نواز شريف به سانگله جي عوام سان تمام گهڻي محبت ڪري ٿو، محمد نواز شريف چيو ته ان انٽر چينج سان سانگله هل کان لاهور جو سفر تمام گهٽ ٿي ويندو، هاڻي ڏيڍ ڪلاڪ ۾ لاهور پهچندا، ان کان اڳ اڍائي ڪلاڪ جو سفر هو، هن چيو ته سوئي گئس جي فراهمي جو منصبو هڪ وڏو منصوبو آهي، تمام جلد سانگله هل جي هر گهر ۾ گئس ايندي. هن چيو ته سانگله هل ۾ يونيورسٽي به ٺهندي. هن چيو ته قوم سڀ ڄاڻي ٿي ته گذريل حڪومتن ڇا ڪيو ۽ اسان ڇا ڪري رهيا آهيون، اسان موٽر وي بڻائي، پهريون ڀيرو لاهور کان موٽر وي ڪراچي وڃي رهي آهي، ريلوي ۽ پي آءِ اي به بهتر ٿي ويا آهن، هن چيو ته اڳوڻي دور ۾ ته حاجين جا پئسا به کاڌا ويا هئا، اسان جي دور ۾ انهن جي پئسن جي بچت ٿي ۽ انتظام به تمام سـٺا ڪيا ويا جنهن تي حاجي سڳورا خوش آهن، وزيراعظم چيو ته اسان جو پروگرام آهي ته ڪالجز ۾ شاگردن کي ليپ ٽاپ ڏيون، ملڪ جي وڏن شهرن ۾ 50 بهتر اسپتالون ٺاهيون پيا، 12 سالن کان بند سانگله هل ريلوي لائين کي آپريشنل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، سمورا فني مسئلا حل ڪرڻ تي ڌيان ڏنو آهي، ان تي تمام جلد ڪم شروع ڪيو ويندو، هن چيو ته ننڪانه صاحب ۾ 250 بسترن جي اسپتال جو جلد سنگ بنياد رکنداسين. وزيراعظم فيصل آباد ساهيانواله ايڪسپريس وي جي تعمير جو اعلان ڪندي چيو ته فيصل آباد ساهيانواله ايڪسپريس وي کي سانگله هل تائين توسيع ڏني ويندي. هن قومي اسيمبلي جي تڪ اين 103 جي ٻهراڙين کي سوئي گئس فراهم ڪرڻ جو به اعلان ڪيو. ان کان اڳ وفاقي وزير چوڌري محمد برجيس طاهر جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته اسان جي قائد محبتون کڻي سانگله هل آيو آهي، ٽي سال اڳ وزيراعظم محمد نواز شريف هتي جي ماڻهن سان واعدو ڪيو هو ته هو اليڪشن ۾ ڪامياب ٿي هتي انٽر چينج بڻائيندو، اڄ هن پنهنجو واعدو پورو ڪري ثابت ڪري ڇڏيو ته مسلم ليگ (ن) جيڪو به واعدو ڪيو اهو سدائين پورو ڪيو.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو