گهرو وزارت پاران ڪجهه اخبارن ۾ شايع ٿيندڙ خبرن جي حوالي سان وضاحت

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 12نومبر2016ء) گهرو وزارت ڪجهه اخبارن ۾ شايع ٿيندڙ خبرن جي حوالي سان وضاحت ڪندي چيو آهي ته من گهڙت خبر جي جاچ ڪندڙ ڪميٽي بريفنگ دوران گهرو وزير کي چيو هو ته روزاني ڊان جي ايڊيٽر ۽ اسٽافر کي پنهنجا بيان رڪارڊ ڪرائڻ جي لاءِ ڪميٽي آڏو پيش ٿيڻ جي لاءِ چيو وڃي. ترجمان اهو به واضح ڪيو ته گهرو وزير پنهنجي پريس ڪانفرنس دوران ڪنهن به نقطي تي نيوز اسٽوري جي لاءِ ڊان کي تنقيد جو نشانو نه بڻايو. گهرو وزارت جي ترجمان چيو ته ڪوڙي خبر جي جاچ تي گهرو وزير جو بيان حڪومت جي موقف جي عين موجب هو.

وزارت ميڊيا جي هڪ شعبي کي چيو آهي ته هو گهرو وزير جي لفظن کي پنهنجي طريقي سان بيان ڪرڻ کان پاسو ڪري. ترجمان جو چوڻ هو ته قومي اهميت جي ان مسئلي تي مفروضن تي ٻڌل تجزيا ڪرڻ سان جاري جاچ تي منفي اثر پوندا. ترجمان معاملي جي جاچ مڪمل ٿيڻ تائين سمورن ميڊيا هائوسز ۽ ادارن تي زور ڏنو آهي ته اهي صحافت ۽ رپورٽنگ جي عالمي ضابطن جي پيروي ڪن.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو