مريم اورنگزيب پاران درگاهه شاهه نوراني ۾ دهشتگردي جي مذمت

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 12نومبر2016ء) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب درگاهه شاهه نوراني ۾ دهشتگردي جي واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي جنهن ۾ درجنين معصوم شهري مارجي ويا ۽ زخمي ٿيا آهن. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ هن چيو ته سندس همدرديون ۽ دعائون واقعي ۾ مارجي ويلن جي خاندانن سان آهن.

هن ان واقعي ۾ زخمي ٿيندڙ ماڻهن جي جلد صحتيابي جي لاءِ دعا ڪئي. مملڪتي وزير چيو ته وزيراعظم بلوچستان حڪومت کي ان حملي جي جاچ ۾ مدد جي خاطري ڪرائي آهي ۽ ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستاني قوم متحد آهي.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو