گڏاڻي ۾ بحريه جهاز ۾ باهه سبب متاثر ماڻهن لاءِ ريلوي حادثي جي متاثرين جيتري معاوضي جو اعلان ڪيو وڃي: سيد خورشيد شاهه

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 11نومبر2016ء) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته گڏاڻي ۾ بحريه جهاز ۾ باهه سبب متاثر ماڻهن لاءِ ريلوي حادثي جي متاثرين جيتري معاوضي جو اعلان ڪيو وڃي، وزيراعظم محمد نواز شريف جي نالي هڪ خط ۾ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته گڏاڻي ۾ پيش آيل واقعي جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 26 پورهيت فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا.

هن چيو ته هي المناڪ سانحو هو ذميدارن جي خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، جڏهن ته سيد خورشيد شاهه واقعي جي جامع جاچ جو به مطالبو ڪيو آهي.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو