سردار اياز صادق پاران انساني حقن جي قومي ڪميشن کان ملڪ ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين جي حوالي سان رپورٽ طلب

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ19جنوری2018ء) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق انساني حقن جي قومي ڪميشن کان گذريل هڪ سال جي دوران ملڪ ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين جي حوالي سان رپورٽ طلب ڪري ورتي.

جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ سوالن واري وقفي دوران عبدالقهار ودان جي سوال جي جواب ۾ پارلياماني سيڪريٽري راجا جاويد اخلاص ٻڌايو ته حڪومت سڄي ملڪ ۾ انساني حقن جون خلاف ورزيون روڪڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، انساني حقن جي علائقائي آفيس ڪوئيٽا جون 2013ع کان ڊسمبر 2017ع تائين ميڊيا مانيٽرنگ جي ذريعي 3297 معاملن تي ڪارروائي ڪئي آهي، 41 آگاهي سيمينارز ۽ روڪشاپس منعقد ڪيا ويا آهن، هن ٻڌايو ته انساني حقن جي لائحه عمل تي عملدرآمد جي نگراني جي لاءِ قومي ٽاسڪ فورس جوڙيو ويو آهي، هن سوال جي جواب ۾ ٻڌايو ته سعودي عرب ۽ ملائيشيا ۾ ڪيترائي پاڪستاني بيروزگار آهن، اڳوڻي وزيراعظم ان تي ڪميٽي جوڙي ۽ ٽي هزار ماڻهن کي مفت وطن واپس آندو، هن ٻڌايو ته وزيراعظم جي ايڪشن پلان تحت هيومن رائيٽس ڪميشن ۽ سمورن صوبن جي چيف سيڪريٽرين کي فوڪل پرسن بڻايو ويو ۽ ايڪشن پلان تي عملدرآمد ٿي رهيو آهي، ساجده بيگم جي سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته انساني حقن جي قومي ڪميشن پنهنجي قيام کان هيستائين هڪ هزار 241 مختلف شڪايتون اڪلايون آهن، ايس اي اقبال قادري جي سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته ڪميشن جا ماڻهو قصور ويا ۽ زينب سان پيش آيل واقعي جي باري ۾ بيان ورتا، اسپيڪر چيو ته ان باري ۾ ڪميشن کان رپورٽ وٺي ايوان ۾ پيش ڪئي وڃي، اسپيڪر چيو ته انساني حقن جي قومي ڪميشن جي قيام کان هيستائين جي رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪئي وڃي۔

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو

وڌيڪ مضمون