وزيراعظم پارن ڪالم نگار منوڀائي جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ19جنوری2018ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي بزرگ ڪالم نگار منوڀائي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.

وزيراعظم سماجي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ ۽ دکي انسانيت جي خدمت ۾ مرحوم جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته انسانيت سان محبت ۽ خدمت جو سندس جذبو واکاڻ جوڳو آهي، وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جاءِ ڏي ۽ سوڳوار خاندان کي هي صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا ڪري.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو

وڌيڪ مضمون