ڪارپوريٽ سيڪٽر جون سماجي شعبي ۾ خدمتون واکاڻ جوڳيون آهن: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ18جنوری2018ء) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف جي قيادت ۾ ساڍن چئن سالن دوران دهشتگردي ۽ توانائي بحران جهڙن چئلينجز تي ضابطو آڻي ملڪ کي ترقي ۽ عوام کي خوشحالي جي شاهراهه تي گامزن ڪري ڇڏيو آهي، گذريل30، 35 سالن کان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ هٿياربند فوج، سيڪيورٽي فورسز، پوليس ۽ پاڪستان جي عوام بي مثال قربانيون ڏنيون آهن، ڪارپوريٽ سيڪٽر جون سماجي شعبي ۾ خدمتون واکاڻ جوڳيون آهن، ملڪ جي مثبت تشخص کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ ڪارپوريٽ سيڪٽر فلم، سپورٽس جي شعبي ۾ به سيڙپڪاري ڪري، حڪومت ڪارپوريٽ سيڪٽر کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪري رهي آهي، ڪارپوريٽ سيڪٽر ” ٽارگيٽڊ سوشل ريسپانسبلٽي“ جي لاءِ حڪومت ۽ پارليامينٽ جي سطح تي عملدرآمد جي لاءِ ڪارآمد تجويزون ڏي. هو خميس ڏينهن هتي نيشنل فورم فار انوائرمينٽ اينڊ هيلٿ (اين ايس اي ايڇ) جي اهتمام هيٺ 10 هين ڪارپوريٽ سوشل ريسپانسبليٽي سمٽ کي خطاب ڪري رهي هئي، پيٽروليم وارو مملڪتي وزير ڄام ڪمال به تقريب ۾ شريڪ هو. مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته موجوده حڪومت محروم طبقن جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ دلچسپي وٺندڙ سمورن ڪارپوريٽ ادارن ۽ ماڻهن کي سهولتون پهچائڻ ۽ ان جي مڪمل حمايت تي يقين رکي ٿي جنهن جي لاءِ موجوده حڪومت ڪيترائي قدم به کڻي رهي آهي، حڪومت جي سمورن لاڳاپيل رياستي ۽ سرڪاري ادارن انهن سمورن ڪاروباري ۽ صنعتي شعبن کي جيڪي سماجي ۽ اقتصادي شعبن جي ترقي جي منصوبن کي اڳتي وڌائي رهيا آهن انهن کي سهولتون فراهم ڪندي رهندي.

هن چيو ته حڪومت جذبي ۽ اخلاص سان ملڪي ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن آهي، محروم طبقن جي ترقي ۽ خوشحالي اسان جي اولين ترجيح آهي جنهن جي لاءِ حڪومت ڪيترائي ٺوس قدم کنيا آهن، هن چيو ته جمهوري حڪومت گذريل ساڍا چار سالن ۾ زندگي جي هر شعبي ۾ خاص طور تي ننڍي ڪاروبار يا روزگار جا بهترين موقعا فراهم ڪيا آهن، صحت، تعليم، زرعي ترقي سميت هر شعبي ۾ نمايان پيڪيج ڏنا ويا آهن. هن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف جي ويزن تحت کنيل قدمن جي ڪري ڪافي حد تائين ضابطو آندو ويو آهي جنهن کانپوءِ پوري ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال معمول تي اچي چڪي آهي ان جو واضح مثال آهي ته پاڪستان ۾ انٽرنيشنل رانديگرن جي آمد، بين الاقوامي ڪانفرنسز جو انعقاد ۽ وفدن جي آمدرفت آهي، هن چيو ته عالمي سطح تي دهشتگردي سبب متاثر ٿيندڙ تشخص کي نه رڳو بحال ڪرايو پر ان کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ حڪومت فلم، ميوزڪ، ڪلچر، ادب جي شعبي ۾ تمام گهڻو ڪم ڪري رهي آهي، هن چيو ته 60ع جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان جي فلم صنعت جي دنيا ۾ وڏي فلم صنعت ۾ شمار هو، دهشتگردي سبب فلم ۽ ڪارپوريٽ جو سيڪٽر به متاثر ٿيو آهي، حڪومتي ڪوششن جي ڪري هاڻي پاڪستان جو عالمي سطح تي مثبت تشخص اڀري رهيو آهي، هن چيو ته ڪارپوريٽ سيڪٽر کي نوجوان نسل جي فني مهارت تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي حڪومت ۽ نجي شعبي جي سهڪار سان نوجوان نسل کي فني تعليم سان ليس ڪري سگهجي ٿو، مملڪتي وزير مريم اورنگزيب مملڪتي وزير ڄام ڪمال سان گڏ 52 ڪمپنين ۽ سماجي تنظيمن ۾ ايوارڊ روهايا.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو