جنهن فيڊر تي لائين لاسز 10 سيڪڙو کان وڌيڪ هوندا اتي لوڊشيڊنگ ٿيندي: عابد شير علي

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ19جنوری2018ء) توانائي واري مملڪتي وزير عابد شير علي چيو آهي ته جنهن فيڊر تي لائين لاسز 10 سيڪڙو کان وڌيڪ هوندا اتي لوڊشيڊنگ ٿيندي، بجلي جون بقايائون آسان قسطن تي ماهوار قسط طور ادا ڪرڻ جي سهولت ڏئي سگهجي ٿي تنهن هوندي به بقايائون معاف نه ٿينديون، جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ سوالن واري وقفي دوران نسيمه حفيظ پانيزئي جي سوال جي جواب ۾ مملڪتي وزير عابد

شير علي ٻڌايو ته جنهن فيڊر تي 10 سيڪڙو لاسز هوندا اتي لوڊشيڊنگ ٿيندي، بلوچستان ۾ سمارٽ ميٽرنگ ‎۾ ڪجهه مسئلا آهن، حڪومت بجلي چوري روڪڻ ۽ نقصانن کي گهٽ ڪرڻ، بقايائن جي وصولي ۾ تيزي آڻڻ لاءِ قدم کڻندي صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، هن چيو ته جن ڏانهن بقايائون آهن انهن کي اسان شرط تي قسطون ڪري ڏينداسين تنهن هوندي به بقايائون معاف نه ٿينديون هي ادا ڪرڻيون پونديون.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو

وڌيڪ مضمون