منوڀائي جو لاڏاڻو هر درد دل رکندڙ حساس انسان جي لاءِ تمام وڏو صدمو ۽ قومي نقصان آهي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ19جنوری2018ء) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب ملڪ جي مشهور اديب، دانشور، ڪالم نگار، ڊرامه نويس، صحافي ۽ سماجي ڪارڪن منوڀائي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سندس لاڏاڻو هر درد دل رکندڙ حساس انسان جي لاءِ تمام وڏو صدمو ۽ تمام وڏو سماجي ۽ قومي نقصان آهي.

جمعي ڏينهن پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ مريم اورنگزيب چيو ته وزيرآباد کان منير احمد قريشي جي نالي سان جنهن ٻار هن دنيا ۾ اک کولي هئي، عوامي خدمت جي تڙپ، انسانن سان محبت، انهن جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي جذبي هن کي منو ڀائي بڻائي ڇڏيو، هن علم ۽ ادب جي سمورن شعبن ۾ نالو ڪمايو ۽ نوجوان نسل کي اميد ۽ جستجو جو پيغام ڏئي انهن جي رهنمائي جي لاءِ ڪوشان رهيو، رت جي کوٽ جي شڪار ٻارن جي لاءِ سندس تڙپ ”سندس فائونڊيشن“ جي صورت ۾ صدقه جاريه آهي، مملڪتي وزير مريم اورنگزيب مرحوم جي بلندي درجن ۽ سوڳوار خاندان جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو

وڌيڪ مضمون